شاهراهه ڀٽو جي لڙهڻ وارين خبرن ۾ سچائي ناهي، شاهه

شاهراهه ڀٽو جي لڙهڻ وارين خبرن ۾ سچائي ناهي، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته برسات ۾ شاهراهه ڀٽو جو هڪ پورشن لڙهي وڃڻ جون خبرون درست نه آهن. هن چيو ته قيوم آباد کان قائد آباد تائين روڊ قائم آهي ۽ مون اربع تي ان تي سفر به ڪيو آهي. قائد آباد کان اڳتي زير تعمير روڊ جو هڪو پورشن برسات سبب متاثر ٿيو آهي، جنهن تي ڪم هلندڙ هو، ان سيڪشن تي نه رٽرنگ وال ٺهيل هئي نه پٿرن جي پچنگ ٿيل هئي، ڪچي سڙڪ هئي. هن چيو ته ڪجهه ڌريون ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي ايم ڪيو ام سميت مختلف جماعتن پاران شاهراهه ڀٽو جي لڙهي وڃڻ جو خبرون هلايون ويون هيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو