شاعر ۽ صحافي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

شهدادڪوٽ (ن س) شهدادڪوٽ ۾ پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت پاران اديب شاعر ۽ سينيئر صحافي ضمير کرل جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي کيس ياد ڪيو ويو ، پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت پاران شهر جي ليبر هال ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي نالي واري شاعرن، اديبن، سياسي ، سماجي ، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن احمد علي صابر چانڊيو ، عزيز قاسماڻي ، سيد عبدالله شاه اطهر ، جنيد سومرو ، ڪوڙل قربدار ، رشيد خانوائي ، وهاب پندراڻي ، حبدار ميرجت ، حيات تونيو ، پيربخش ڀٽي ، حافظ عبدالرزاق مگسي ، فدا چانڊيو ، صديق ابڙو ، واحد ڪالاڻي ، طالب سومرو ، ساجد کرل ۽ شاهد اعواڻ سميت ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي شاعرن ضمير کرل جي زندگي ۽ سيرت تي مقالا ۽ شعر پيش ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ۽ مقررن کيس زندگي بابت ڳالهائيندي چيو ته ادبي حلقي ۾ ضميرکرل جو وڏو نالو آهي جنهن سدائين مظلوم ساٿ ڏنو ۽ ان جو آواز پنهنجي قلم جي ذريعي ايوانن تائين پهچايو ، هنن جو چوڻ هو ته ضمير کرل زنده دل انسان هو ۽ کيس لکڻ ۾ روشن خيال سنڌ پسند ۽ سنڌ جو دادلو شاعر هو ، ضمير پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ هُن هر وقت منهن تي مرڪ رکي مايوسي کي ماٺ ڏني ۽ ساه جي آخري گهڙي تائين بيماري سان وڙهيو ، هنن جو چوڻ هو ته شهدادڪوٽ جي ادبي حوالي سان سنڌ هڪ سڃاڻپ ضمير کرل به آهي ، ضمير کرل گهڻ رکي شخصيت جو مالڪ هو کيس اڻ مڌائتي وڇوڙو ادبي حلقي ۾ وڏو خال آهي جنهن پورائو ڏکيو آهي هنن جو چوڻ هو ضمير کرل ڪڏهن به مرڻو نه آهي هو پنهنجي ڪردار جي ڪري اسان دلين هميشه لاء زنده رهندو ان موقعي تي پڻ شهر ۾ لائبريري يا پارڪ ضمير کرل جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي پڻ ڪرارداد منظور ڪئي وئي ۽ دعا پڻ گهري وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو