شادي هال هلائڻ تي ڊي جي سول ايويئيشن کي چيف جي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ سول ايوي ئيشن اٿارٽي کي زمين تي شادي هال هلائڻ يا ٻين سرگرمين جي اجازت ناهي، سپريم ڪورٽ سي اي اي جي زمين تي سرگرمين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ٻڌڻي دوران کاتن جي جعلسازي ۾ سي اي اي عملدار ملوث هجڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آھي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڊي جي سي اي اي کي ڇنڊ پٽيندي چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿئو، توهان اڪيلا ئي رات جو جهاز اُڏائيندا آهيو، ماڻهو سُتل هوندا آهن ۽ توهان جا جهاز مٿان لامارا ڏيندا آهن، ماڻهن کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجهيو اٿئو. چيف جسٽس چيو تھ ڇا توهان کي زمينن تي شادي هالز هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي؟ سڀاڻي ڪيسينو ۽ نائيٽ ڪلب به کولي ڇڏجو، فضا ۾ به شادي هال ٺاهي ڇڏيو، عدالت ڊي جي سي اي اي، ميمبر روينيو بورڊ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي رپورٽ سوڌو طلب ڪري ورتو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو