سڱاوتي تڪرار،ٻن ڌرين ۾ جھيڙو 6 ڄڻا زخمي

سلطانپور( ن س ) سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو بروھي ۾ سڱاوتي تڪرار تان بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ غلام سرور بروھي ,غلام قادر,سراج احمد ۽ ولي محمد بروھي شامل آھن واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڪينٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي علاج لاء تعلقـ اسپتال پنوعاقل پھچايو ان موقعي ان موقعي تي زخمي غلام سرور بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ عبدالرزاق بروھي وارن سان سڱ جي معاملي تي ڳالھيون ھلندڙ آھن اڳ بـ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا رھيا آھن اڄ اسان جي گھر تي حملو ڪري اسان کي مارڻ لاء آيا آھن ايس ايس پي سکر انصاف ڏياري ٻئي پاسي سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نظيرحسين ڪٻر سنڌيار اخبار پاران موقف پڇڻ تي ٻڌايو تـ واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي زخمين کي علاج لاء اسپتال پھچايو آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو