سگهڙ فقير خدا بخش جي ٻئي ورسي تي ڀيٽا پيش ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل

مٺي(لياقت نهڙيو)  ننگرپارڪر جي ناليواري سگھڙ ۽ لوڪ فن جي ۽ ڏاھي فقير خدا بخش جي ٻئين ورسي سندس فرزند صحافي راڻي فقير پاران ڳوٺ چڻيندا ۾ ملھائي وئي، جنهن ۾ سندس فن ۽ ڏاهپ ۽ معاشري جي بهتري لاءِ سندس خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي نواجوان شاعر ۽ ساس ضلعي رابطہ سيڪريٽري ناشاد سمون چيو تہ لوڪ ادب جديد ادب جو بنياد آهي. اسانجو لوڪ ادب دنيا جو بهترين لوڪ ادب آهي جنهن ۾ شعر جي گوناگونيت ۽ خودساختگي ناقابلِ فراموش آهي. خدابخش فقير ننگرپارڪر جو اهڙو ڪردار هو جنهن بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي لوڪ ادب جو وکر ورهايو ۽ انساني ذهنن کي سيراب ڪيو. نئين ٽهي جي ليکڪ ۽ شاعر ساگر خاصخيلي چيو تہ هي اسانجي مٽي جا مڻيادار ڪردار آهن جن سماج کي گهڻو ڪجھ ڏنو، خدابخش فقير سگهڙ هئڻ سان گڏ سٺو انسان پڻ هو کيس ياد ڪرڻ ساراھ جوڳو ڪم آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اڀسنگھ ٺڪر، انور فقير، سليمان فقير، غازي فقير، صحافي غلام علي کوسو، صحافي راڻي فقير، ساٿي سومجي، سگھڙ خميسي فقير ۽ ٻين فقير خدا بخش جي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي اجاگر ڪندي سندس ڪردار جي تعريف ڪئي. هنن چيو ته فقير خدا بخش سدائين ٿر جي لوڪ ڏاھپ کي زندھ رکڻ لاء پاڻ پتوڙيو،سندس سگھڙائپ مان ڪيترن ئي ماڻھن فائدو ورتو، اڄ به سندس ڳالھين کي ماڻھو سيني ۾ سانڊيو ويٺا آھن، پاڻ جنھن به محفل ۾ ويندو ھو پنھنجي ڏاھپ سان محفل ۾ ويٺلن کي حيران ڪري ڇڏيندو ھو. اڄ ھو اسان ۾ ناھي پر ھن جون سگھڙائپ ۽ لوڪ ڏاهپ جا قصا اڄ به اسانجي دلين ۾ زندھ آھن، فقير خدابخش جھڙا ماڻھو ھن ڌرتي گھٽ پيدا ٿيندا آھن جيڪي ٿوري عرصي ۾ پاڻ مڃرائي ھميشه پنھنجو نالو زندھ ڪري ويندا آھن. ورسي جي آخر ۾ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل به ٿي جنھن ۾ مقامي راڳين آخري عرس، نابين يوسف فقير، عباس فقير، صديق فقير، ابو فقير ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪري پنڊال ۾ ويٺلن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. راڳ جي محفل پرھ ڦٽي تائين جاري رھي، ورسي ۾ معززين لالا قمبر کوسي، صوبدار کوسي، صحافي رضا اڪبر خاصخيلي، صحافي اختر سمون، سائين نواز کوسي سميت ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن، سماجي اڳواڻن، سگھڙن ۽ فقير برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو