سگريٽ، ڪولڊڊرنڪ ۽ جهاز جون ٽڪيٽون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت کي درپيش وڏن خطرن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف معاشي سڌارن ۾ دير، قرضن ۾ واڌ، مهانگائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي کي پاڪستان جي معيشت لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ مالي مشڪلاتن جو وڏو سبب قرضن جي پروگرام تي موثر عملدرآمد نه ٿيڻ آهي.ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ هفتي روينيو وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو آهي، جنهن ۾ سگريٽ ۽ هوائي ٽڪيٽن تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز به شامل آهي.ذريعن موجب ايئر ٽڪيٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 17 سيڪڙو ۽ مهانگي سگريٽن تي 50 پئسا في اسٽڪ ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته انرجي مشروبات تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ بينڪن جي آمدني تي ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ 17 کان 18 سيڪڙو جي ايس ٽي وڌائڻ جي به تجويز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو