سڪيورٽي گارڊ ڪيس: اي او بي آءِ انتظامياگارڊ کان معافي وٺي: صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ (اي او بي آءِ) جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته سيڪيورٽي گارڊ سان بدتميزي ڪرڻ تي گارڊ کان معافي گهري.سيڪيورٽي گارڊ افتخار حسين خانگي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو، افتخار حسين 2008 ۾ سروس دوران هڪ حادثي ۾ معذور ٿي ويو هو ۽ پينشن لاءِ اي او بي آءِ سان رابطو ڪيو پر اي او بي آءِ پينشن گرانٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو.اي او بي آءِ پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته افتخار حسين جي سروس جو مدو 15 سالن کان گهٽ آهي، هو رڳو اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي.ان تي رٽائرڊ سيڪيورٽي گارڊ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پر محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر وٽ اپيل داخل ڪئي، جنهن تي صدر اهو فيصلو ڏنو.پنهنجي فيصلي ۾ مملڪتي صدر چيو ته صدر پاڪستان جي حيثيت سان شهري کان معافي گهران ٿو، سيڪيورٽي گارڊ کي پينشن لاءِ آفيس جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي.صدر اي او بي آءِ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو غريب مخالف ۽ غير دوستانه رويي تي سخت نظر رکي.شڪايت ڪندڙ جي فائل گم ٿيڻ ۾ سال گذري ويا، سفارش تي فائل ملي وئي، عام مزدور کي پينشن لاءِ سالن کان انتظار ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي.صدر چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪيورٽي گارڊ) کي انصاف جي ڳولا ۾ سالن جا سال گذارڻا پوندا، معاملو اداري جي چيئرمين بدران اداري جي اختيارين آڏو پيش ڪيو وڃي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران اداري جي نمائندي يقين ڏياريو ته شڪايت تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو