پنوعاقل(رپورٽ زبير انڍڙ) سکر ملتان موٽر وي تي تيز رفتار ڪار جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. سکر پوليس موجب حادثو سکر ملتان موٽر وي ايم 5 تي دادلوءِ ويجهو پيش آيو، جتي ملتان ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. پوليس موجب ڪار ۾ سوار عورت سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي پر زخمين ۽ فوتين کي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي.فوتي ذات جا ڇڄڻ آهن جن جو تعلق رحيم يار خان سان آهي. فوتين ۾ محمد طاهر، سندس امڙ حنيفه، محمد ياسين ۽ ڊرائيور اختر آرائين شامل آهن. جڏهن ته 15 سالن جي سونيا جيڪا طاهر جي ڀيڻ آهي اها زخمي آهي. پنون عاقل تعلقه اسپتال قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا. جيڪي ظاهر پير کڻائي ويا.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ