گڏجي ملڪ کي ڏکئي صورتحال مان ڪڍڻو پوندو: نوازشريف

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف چيو آهي ته هڪ يا 2 سال مشڪل صحيح پر هاڻ بهتر وقت ضرور ايندو سڀني کي ملي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻو پوندو.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان فيصل آباد ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف چيو ته فيصل آباد ۾ ڏور ڦرجڻ سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ جو ڏک پهتو آهي. ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.ليگي اڳواڻ چيو ته اوهان جي وزيراعليٰ اوهان سان گڏ آهي. سڀ گڏجي صوبي ۽ ملڪ جي لاءِ ڪم ڪريو، سياستدان، انتظاميه ۽ پوليس سميت سڀني کي ملي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻو پوندو.هن چيو ته سڀني کي ملي پاڪستان کي ٻيهر پنهنجي مقام تي آڻينداسين هڪ 2 سال مشڪل صحيح، آسودگي جو وقت ضرور ايندو. اسان جي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ها ته اڄ اسان جو ملڪ ترقي جي بلندين تي هجي ها. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قبضو ڪندڙن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني ڏٺو. مسلم ليگ (ن) ئي نه پر پاڪستان سان به زيادتي ٿي. (ن) ليگ کي هاڻ پنهنجي سياسي ميراث حاصل ڪرڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو