سپريم ڪورٽ ۾ حڪومتي جواب داخل، جج تي سخت الزام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل منصور علي خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف جواب جمع ڪرائيندي مٿس سنگين الزام لڳايا آهن. جواب ۾ هن چيو آهي ته لنڊن ۾ 3 جائيدادون سندن خاندان جي نالي آهن ۽ اهي جائدادون ان وقت خريد ڪيون ويون جڏهن هو بلوچستا هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو. اٽارني جنرل چيو ته جج صاحب انهن جائيدادن جي خريداري جو ذريعو ٻڌائي، سندس ٻار بي ناميدار آهن. اٽارني جنرل چيو آهي ته احتساب ۽ شفافيت جمهوريت جو حصو آهي ۽ ڪو جج يا ٻيو احتساب کان بالاتر ناهي. هن داخل ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته صدر ۽ وزيراعظم کي آئين جي شق 248 هيٺ استثنيٰ حاصل آهي انهن کي ڪيس ۾ ڌر نٿو بڻائي سگهجي. اٽارني جنرل جو موقف پنهنجي جاءِ تي پر ڪجهه قانوني ماهرن جو خيال آهي ته آئين جي ڪوٽ ڪيل شق هيٺ رڳو صدر کي فوجداري ڪيسن مان استثنيٰ حاصل آهي، سول معاملن ۾ ناهي. جيڪڏهن وزيراعظم کي استثنيٰ آهي ته پوءِ سيد يوسف رض گيلاني، راجه پرويز اشرف ۽ ميان نواز شريف خلاف ڪيس ڇو ٿيا؟. گيلاني ۽ نواز شريف ته  حاضر سروس وزيراعظم هئا جن کي سزا ڏني وئي. ياد رهي ته قاضي فائز عيسيٰ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نواز شريف جي حڪومت خلاف  فيض آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو ۽ ان وقت ڌرڻي وارن سان ڪيل لکت واري معاهدي ۾ آءِ ايس آءِ جي هڪ آفيسر جي به صحيح ٿيل هئي ۽ ميڊيا رپورٽس موجب هڪ سينئر فوجي آفيسر وردي ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي گهر روانو ڪرڻ لاءِ پئسا به ورهايا هئا ۽ اهڙي ويڊيو به وائرل ٿي هئي. ان بابت هڪ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فوج جي سياسي معاملن ۾ مداخلت کي غير قانوني قرار ڏنو هو. جنهن بعد اوچتو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس داخل ٿيو. جنهن تي جج موجب اهو بدنيتي تي ٻڌل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو