سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 23 ڪرڻ بابت بل جمع

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 23 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت عدليه بابت اهم قانون سازي جو فيصلو ڪندي 1997ع جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي سپريم ڪورٽ (ججز جو تعداد) ترميمي بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. حڪومتي ميمبر بئريسٽر دانيال چوڌري جي تجويز ڪيل بل جو مواد به سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد ۾ اضافو ڪيسن جي پسمنظر سبب ضروري آهي. هن وقت هزارين ڪيس التويٰ ۾ آهن، بل جي متن موجب سائبر ڪرائم، ماحولياتي قانون ۽ عالمي واپار جي ڪيسن ۾ ماهرن جي ضرورت آهي. ججن جو تعداد وڌائڻ سان ججن تي غير ضروري دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ججن جو وڏو تعداد فيصلن ۾ اختلاف راءِ جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ پاڪستان جهڙن عدالتي نظام وارن ملڪن ۾ ججن جو وڏو تعداد آهي. ان سان ڪيسن جو اڪلاءُ جلدي ممڪن ٿيندو. ياد رهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو