عدالت پاران ايف آءِ اي جا 53 ملازم فارغ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي 53 ملازمن کي فوري طور تي فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي ايف آءِ اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ايف آءِ اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ عدالتي حڪم تي عمل  نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي جي رپورت تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته سپريم ڪورٽ 2021 ۾ سمورن ملازمن جي ڀرتي لاءِ 3 هدايتون ڏنيون.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته عدالتي حڪم موجب مقرريون پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڪيون وينديون هيون. پر ايف آءِ اي عدالتي حڪمن تي عمل ئي نه ڪيو. ايف آءِ اي رپورٽ سمورا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 60 مان چار ملازم فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٽن ٽيسٽ به پاس ڪيو آهي.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اثر انداز نٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ  ملازم ٻين عدالتن ۾ هليا ويا. اڄ ئي انهن ملازمن کي فارغ ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس اڪلائيندي حڪم ڏنو ته جن ملازمن ايف بي ايس سي ٽيسٽ پاس ناهي ڪيو انهن کي فوري طور تي نوڪرين مان هٽايو وڃي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پندرنهن  ڏينهن ۾ عمل ڪرڻ جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو