سي اي سي اجلاس،سياسي صورتحال،حڪومت سازي بابت تجويزون پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جو اجلاس ٿيا، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به شرڪت ڪئي.ڪميٽي جي اجلاس ۾ جمهوريت جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن پ پ جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي،ترجمان موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ عام چونڊن ۽ ان بابت عوام جي ردعمل تي غور ويچار ڪيو ويو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ عام چونڊن کانپوءِ ملڪ جي مستقبل بابت غور ويچار ڪيو ويو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ حڪومتي صورتحال بابت مختلف تجويزون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو