سينيئر اداڪار فردوس جمال ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا، پٽ جي دعائن جي اپيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي سينيئر اداڪار فردوس جمال کي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق سندس پٽ اداڪار حمزه فردوس گذريل رات ڪئي.هن انسٽاگرام تي پنهنجي والد سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي ان جي ڪيپشن ڏني ته ”منهنجي والد جو ڪينسر جو علاج شوڪت خانم ۾ هلي رهيو آهي، مون کي خبر آهي ته اها زندگي آهي“.حمزا فردوس لکيو ته ”پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي ڇو ته منهنجو والد پنهنجي خاندان سان گڏ آهي ۽ اوهان سڀني سان، سندس پيارا دوست، مداح ۽ ساٿي وغيره. اداڪار جي پٽ پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته والد اداڪار بڻجڻ لاءِ سڀني مشڪلاتن کي پار ڪيو، هاڻي هڪ ٻي جنگ وڙهڻي آهي پر خوش قسمتي سان شيون سندس حق ۾ آهن، انشاءَ الله هو مضبوط ٿي ٻاهر نڪرندو.حمزا سمورن مداحن کان دعائن جي درخواست ڪئي ۽ لکيو ته کيس دعائن ۾ خاص ياد رکندس.

پهنجو تبصرو موڪليو