سيميز ڪوڊ رکندڙ اسڪول بغير بلڊنگ ۽ استاد جي هلڻ لڳو

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاهه) ڪاڇي جي مرڪزي  شهر واهي پانڌي کان 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ علي بخش لغاري ۾ 1993ع تي قائم ٿيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪيترن ئي ورهين کان بلڊنگ نه ملڻ سبب  سخت سردي ۾ ڇپر هيٺيان ٻار تعليم پرائڻ لڳا آهن. سيميز ڪوڊ ملڻ باوجود انتظاميه اسڪول کولرائڻ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڏيکاري. ڳوٺاڻن موجب هن اسڪول ۾ هڪ استاد هيو جيڪو  گذريل ٻن سالن کان رٽائر ٿي چڪو آهي ان کان پوءِ هتي  ڪوبه استاد مقرر ناهي ٿيو.

هن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 200 سئو کان مٿي ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن  جيڪي هاڻي  مال چارڻ، ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻن پاران صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ ڏئي معصوم ٻارن جي تعليم بحال ڪرائي وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو