خرطوم(م ڊ) سوڊان ۾ احتجاج ڪندڙ لکين شهرين مارشل لا کي رد ڪندي هڪدم عوامي نمائندن تي ٻڌل حڪومت قائم ڪرن جو مطالبو ڪيو آهي ۽ فوج پاران رات جو هڪ مهيني تائين لڳايل ڪرفيو کي پڻ نه مڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. مظاهرين جي ليڊرن جو چوڻ آهي ته فوج ساڳيا پراڻا چهرا سامهون آندا آهن جيڪي 30 سالن تائين ملڪ کي لٽيندا رهيا آهن ۽ اهي کين قبول ناهن. امريڪا ۽ يورپي يونين ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ سوڊان جي فوجي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو تحمل ۽ تدبر مان ڪم وٺن ۽ پرامن طريقي سان سياسي عمل مڪمل ڪن. سوڊان ۾ احتجاج ڪندڙن کي جمع ڏينهن لڳاتار مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻڻ واري تحريڪ کي چار مهينا مڪمل ٿيا آهن. گذريل ڏينهن فوج عمرالبشرجي حڪومت ختم ڪندي کيس حراست م ورتو هو۽ ملڪ ۾ آئين معطل ڪري مارشل لا مڙهڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٻن سالن تائين فوجي حڪومت قائم رهندي جيڪا بعد ۾ عام چونڊون ڪرائي اقتدار سويلين حڪومت حوالي ڪندي. ٽن مهينن تائين ايمرجنسي نافذ رهندي ۽ هڪ مهيني تائين رات جو ڪرفيو لاڳو رهندو. عمرالبشر جي 30 ساله راڄ جي خاتمي تي ته مظاهرين خوسي جو اطهار ڪيو هو پر مارشل لا جي مخالفت ڪئي هئي. فوج مارشل لا لڳائڻ جو فيصلو گذريل ڪجهه ڏينهن کان فوجي هيڊڪوراٽر جي ٻاهران عام ماڻهن پاران لڳايل ڌرڻي بعد ڪيوهو، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ هئا ۽ عمرالبشر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. مظاهرين جي ليڊرن عمرالبشر کي هٽائڻ تي ته جشن ملهايو آهي پر فوجي حڪومت قائم ڪرڻ تي اعتراض واريندي فوري طور سول حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سويلين حڪومت جي قيام تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. سوڊان ۾ هلندڙاحتجاج جيان اترافريقي ملڪ الجيريا ۾ به هفتو اڳ فوج جي حمايت يافته صدر عبدالعزيز کي به هٽايو ويو هو. هنن ٻنهي افريقي ليڊرن خلاف سندن قومن جي ٻن نسلن هٽائڻ لاءِ احتجاج ڪيا ۽ نيٺ کين هٽايو ويو. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪرپشن، بدنظمي، ڪمزور معيشت، پنهنجا نوازي ۽ غريب جو غريب تر ٿيڻ ۽ اميرن جو وڌيڪ امير ٿيڻ جي صورتحال ايئن هئي جيئن پاڪستان ۾ آهي. فرق ايترو هو ته هنن ملڪن جا شهري لکن جي تعداد ۾ احتجاج لاءِ نڪري آيا ۽ پاڪستان ۾ هر ڪو ان کي خدا جي مرضي سمجهي چپ آهي. ياد رهي ته عمرالبشر جي بدتر حڪمراني سبب ئي سوڊان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب