سويلين ٽرائل ڪيس: حڪومت جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلين جا ڪيس هلائڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي حڪومتي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته درخواستگذار صدر سپريم ڪورٽ بار عابد زبيري چيو ته مان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. مان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان.وڪيل عابد زبيري چيو ته مان عدالت جو ڌيان سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي ڏيارڻ چاهيان ٿو. آرمي ايڪٽ جي تحت سويلين جو ٽرائيل نٿو ٿي سگهي. جسٽس اجمل ميان جي فيصلي ۾ سيڪشن 8/2 جو حوالو ڏنو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ جي تحت ٽرائيل صرف فوجي اهلڪارن جو ٿي سگهي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ تحت سويلين جي ٽرائيل لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت هوندي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڇا اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته سويلين جو ٽرائيل اڳ سول عدالتن ۾ ٿيو؟ جيڪڏهن سول عدالتن ۾ چارج لڳي ته معاملو فوجي عدالتن ڏانهن اماڻي سگهجي ٿو؟ ان تي عابد زبيري چيو ته بالڪل ٽرائيل پهريان سول عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجي. خبر نه آهي ته گرفتار ماڻهن تي فوجي عدالتن ۾ چارج فريم ٿي چڪو آهي يا نه؟ جسٽس منيب اختر چيو ته سويلين تي جيڪڏهن چارج فريم ٿي وڃي ته ڇا فوج ان کي گرفتار ڪري سگهي؟ ڇا فوج سويلين کي جاچ جي لاءِ گهرائي سگهي ٿي.؟ عابد زبيري چيو ته جيڪي شهري فوج جي تحويل ۾ آهن انهن جو فوجي ٽرائيل آئيني ترميم کان سواءِ نٿو ٿي سگهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڇا سويلين جي فوجي ٽرائيل جي لاءِ آئيني ترميم هجڻ ضروري آهي يا جوابدارن جو دفاع، يا فوج سان تعلق جوڙڻ،؟ عابد زبيري چيو ته پهريان سويلين جو فوج يا دفاع سان تعلق جوڙڻ ضروري آهي. چيف جسٽس چيو ته جن فيصلن جو اوهان حوالو ڏئي رهيا آهيو اهي ان وقت جا آهن جڏهن فوجي ٽرائيل جي باري ۾ آئيني ترميم نه هوندي هئي، اوهان چئي رهيا آهيو ته جوابدارن جو تعلق جوڙڻ ٽرائيل جي لاءِ پهريان ضروري آهي؟ اوهان موجب تعلق جوڙڻ ۽ آئيني ترميم کان پوءِ سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل ٿي سگهي ٿو.جسٽس اعجازالاحسن چيو ته لياقت حسين ڪيس ۾ آئيني ترميم کان سواءِ سويلين جو ٽرائيل ڪيو ويو هو. فوج سان اندروني تعلق هجي ته ڇا پوءِ آئيني ترميم جي ضرورت نه هوندي؟ عابد زبيري چيو ته ماضي ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائيل جي اجازت مخصوص وقت جي لاءِ ڏني وئي. عام شهرين جو آرٽيڪل 175 موجب نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان موجب ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائيل سان بنيادي حق معط ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن عام شهري ملڪي دفاع جي خلاف ڪم ڪري ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن تي صدر سپريم ڪورٽ بار چيو ته ملڪي سلامتي يا دفاع جي خلاف عام شهري ملوث هجن تڏهن به فوجي ٽرائيل جي لاءِ آئيني ترميم لازمي آهي. خصوصي عدالتن جي قيام لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي چيو هو ته موجوده صورتحال ۾ فل ڪورٽ کي اهو معاملو ٻڌڻ گهرجي. جسٽس يحيٰ آفريدي جي موقف جي تائيد ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا آهي. آرمي ايڪٽ بابت هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي. جنهن کي فل ڪورٽ ٻڌي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اوهان گذريل ٻڌڻي تي هڪ ميمبر تي اعتراض ڪيو، هاڻ اوهان فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪيئن ڪري رهيا آهيو؟ اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته موجود ميمبرن تي ٻڌل بينچ ٺاهڻ جي استدعا ڪئي آهي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڪير اهو فيصلو ڪندو ته ڪهڙا ججز موجود آهن؟ اٽارني جنرل چيو ته چيف جسٽس کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪهڙا ججز موجود آهن انهن جو بينچ جوڙيو وڃي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اوهان اهو ڪيئن سوچي ورتو ته چيف جسٽس موجود ميمبرن تي بينچ جوڙيو هوندو؟ جسٽس منيب اختر چيو ته منهنجو خيال آهي ته اوهان پنهنجا دليل هن بينچ جي سامهون جاري رکو. اوهان ماشاءَالله تفصيلي جواب جمع ڪرايو آهي ان تي پنهنجا دليل جاري رکو.

پهنجو تبصرو موڪليو