سوات: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات، ڪالام ۽ ڪبل ۾ فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو اختيارين موجب ڪالام جي علائقي مٽلتان ۾ زمين جي تڪرار تي 2 ڌرين ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا قتل جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جو ٻيو واقعو ڪبل جي علائقي شلهنڊ ۾ پيش آيو جتي معمولي تڪرار تي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس ٻنهي واقعن جي رپورٽ داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










