سنگت ۾ اختلاف برقرار، سيال گروپ پاران عهديدارن جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ۾ اختلاف ۽ گروپنگ ختم ڪرڻ جون ڪوشسون ناڪام ٿي ويون. سنگت جي هڪ طرفي سالياني چونڊ ۾ ذوالفقار سيال گروپ جا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. سيڪريٽري جنرل جَي عهدي تي پريل دايو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جَي عهدي تي خاڪي جاني ڪاميابي ماڻي. عورت جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ نذير ناز، خزانچي لاءِ نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر لاءِ قادر جاگيراڻي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو