ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امن امان کي نظر ۾ رکندي سڄي سنڌ ۾ 9 ۽ 10 محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ ڊبل سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم تي موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي هوندي، عورتون، ٻار، معذور ۽ بزرگ شهري ڊبل سواري تي پابندي کان مستثنيٰ هوندا.صوبي ۾ هٿيار کڻڻ جا سمورا پرمٽ به معطل ڪيا ويا.صوبائي گهرو کاتي موجب صوبي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان هر قسم جي گڏجاڻين ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
