سنڌ ۾ چانورن ۽ ڪپهه جي پوکائي خطري ۾

حيدر آباد(ن سنڌيار)سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ، جنهن ڪري ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد گذريل سال جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.ڪوٽڙي بيراج کان مٿي واري حصي ۾ 10هزار916 ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي ۽ هيٺاهين ۾ مٽي اڏري رهي آهي جڏهن ته پاڻي جي گهٽتائي سبب چانورن ۽ ڪپهه جي پوکائي خطري ۾ آهي پيپلز پارٽي تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف وزيراعظم پاڻي جي قلت جي مسئلي تي وزيراعظم ٻيهر هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي  ۽ ارسا آفيسرن کي به سنڌ صوبي جي شڪايتن تي طلب ڪيو آهي ، اجلاس ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا عملدار شرڪت ڪندا.سهيل انور سيال دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ سان پاڻي واري مسئلي تي ظلم ڪيو پيو وڃي ، ٽن صوبن جي مخالفت باوجود ارسا کي ٽي پي ڪينال جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو