سنڌ ۾ ماهوار ايڊز جا 260 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ هلندڙ سال سراسري طور 260 نوان ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اختيارين موجب هلندڙ سال جنوري کان مئي تائين ايڇ آءِ وي جا 1300 کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن، جن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ٻار آهن.ايڇ آءِ وي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي مان رپورٽ ٿيا.سنڌ ۾ جنوري ۾ ايڇ آءِ وي جا 257 ۽ فيبروري ۾ 256 ڪيس رپورٽ ٿيا.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي جا 258 نوان ڪيس مارچ ۾ رپورٽ ٿيا، اپريل ۾ 239 ۽ مئي ۾ 293 ڪيس سامهون آيا.ميرپورخاص ۾ جنوري کان جون تائين 27 ٻار ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو