حيدر آباد(پ ر )عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ دائود ڏاھري پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ ۾ نئين اسرائيل ٺاھڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو ويو آھي. فلسطينين جيان سنڌين کي بہ پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جو ھرطرفو بندوبست ڪيو ويو آھي. ايجوڪيشن سٽي، بحريا ٽائون، بحريا ٽائون فيز ٽو، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي، صائمہ سٽي، ونڊ پاور، زرعي انقلاب، مختلف رھائشي اسڪيمن ۽ ٻين ھزارين بھانن ذريعي سنڌين جي لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي پئي وڃي. سنڌ مٿان ون يونٽ کان به وڌيڪ گھڻ طرفو حملو ڪيو ويو آھي. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گذريل پندرھن سالن دوران پيپلزپارٽي جي حُڪومت اقتدار جي لالچ ۽ ھوس ۾ اچي ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي ڏنيون آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ سنڌي عوام کي سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپوخاص ۽ سکر مان بي دخل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن. ھڪ طرف سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين کي دائمي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي لکين افغانين جو مدو پورو ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حُڪومت انھن منشيات فروش ڪرمنل ۽ خودڪش بمبارن کي واپس پنھنجي ملڪ افغانستان موڪلڻ لاءِ تيار ناھي. معاشي ترقي ۽ ايجوڪيشن سٽي جي خوبصورت نعرن وسيلي سنڌين جي زمينن تي قبضي جون تياريون زور شور سان جاري آھن. اڳواڻن چيو تہ ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ ملير ضلعي جي ھزارين ايڪڙ زمين ڊاڪٽر عاصم جھڙي مھا ڪرپٽ ۽ قبضاگير حوالي ڪري مراد علي شاھ حڪومت سنڌي قوم سان سنگين غداري ڪئي آھي. ڊاڪٽر عاصم وسيلي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ کي تباھي ڪناري پھچائڻ بعد کيس سنڌ جي زمينن تي قبضي جي ڪاروبار سان لڳايو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو تہ ملير ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين، تاريخي ماڳن کي ڊاھڻ جو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ ايجوڪيشن سٽي پراجيڪٽ سنڌين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ جو منصوبو آھي. سنڌين کي بي دخل ڪري سنڌين جي زمينن تي قبضو ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي.
