سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن کي عيد پگهار 16 جولاءِ تي جاري ڪبي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ قرباني واري عيد جي موقعي تي سمورن سرڪاري ملازمن کي 16 جولاءِ تي پگهار جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار ناڻي کاتي کي پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ پينشن پهرين آگسٽ بدران 16 جولاءِ تي ڏني ويندي. ياد رهي ته پنجاب حڪومت به عيد کان اڳ ملازمن کي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو