ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي چيو آهي ته هلندڙ ترقياتي اسڪيمن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته ترقياتي منصوبن ۾ معياري مٽيريل جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گولاڙچي(شھيد فاضل راھو) ۾ شمشان گھا ٽ جي چئن ديوارن جي تعميراتي ڪم جو افتتاح ڪرڻ بعد منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ اقليتي برادري کي برابري جا حق حاصل آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور موجب اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل احترام ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو اهم ڪردار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اقليتي برادري کي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي مڪمل اعتماد آهي، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي اقليتن جي ڀلائي جا ڪم جاري آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتي برادري جي ڪوٽا تي شفافيت سان عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اقليتي برادري جي عبادتگاهن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ به خاص فنڊ رکيا ويا آهن. اقليتي معاملن واري کاتي جون ترقياتي اسڪيمون اقليتي برادري سان محبت ۽ سنڌ حڪومت جي اقليتي برادري سان محبت جو مظهر آهي. ان کان اڳ صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي جو تقريب ۾ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. صوبائي وزير گولاڙچي جي عوام سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌا
