ڪابينا ۾ خيرپور ميديڪل ڪالج جا ملازم پڪا ڪرڻ سميت اهم فيصلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي تحفظ ۽ حق ڏيڻ لاءِ بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اُن کانسواءِ سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت يعني ويج بورڊ به جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي اطلاعات جي وزير سعيد غني ٻڌايو ته ڪاليج جي 28 پروفيسرز ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرز ۽ منسٽريل اسٽاف ۾ شامل 55 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته پڪو ٿيڻ لاءِ اهليت ۽ عمر کي نظر ۾ رکيو ويندو. ڪابينا شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي چارج ڪنهن 20هين گريڊ جي آفيسر ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها چارج صحت واري وزير جي منظوري سان ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته اجلاس دوران وڏي وزير سنڌ ويمن ايگريڪلچرل ورڪرز ايڪٽ 2019ع کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته، ايڪٽ جو مقصد عورت هارين کي تحفظ مهيا ڪرڻ آهي. ايڪٽ تحت فصل پوکڻ، جانور پالڻ، پولٽري ۽ ماهيگيري وغيره کي زرعي ورڪ سمجهيو ويندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته عورتون زرعي شعبي ۾ وڏي پئماني تي حصو وٺنديون آهن، پر عورتن جي ڪم کي اهڙي قسم جي مڃتاء نه ملندي آهي. ايڪٽ جي منظوري اهڙو ڪم آهي، جنهن جو مثال شايد سموري ايشيا ۾ به نه ملي. وڏي وزير چيو ته بل تحت ڳوٺن جي 80 سيڪڙو فائدو حاصل ڪري سگهنديون. سعيد غني ٻڌايو ته اهو بل ايندڙ هفتي اسمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا ويمن ايگريڪلچرل ورڪرز ايڪٽ 2019ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت بينظير ويمن سپورٽ آرگنائيزيشن قائم ڪئي ويندي، سيسي جي گورننگ باڊي جوڙي ويندي، جنهن ۾ ملازم، ملازمت ڏيندڙ، سرڪار ۽ اڳوڻن آفيسرز کي شامل ڪيو ويندو. ٿر ڪول ۾ پاڻي جي استعمال بابت به ناصر شاهه، امتياز شيخ ۽ مرتضيٰ وهاب تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي خريداري جو طريقو آسان بنائڻ لاءِ به ڪاميٽي ٺاهي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو