سنڌ کي حق ڏيو نه ته اسلام آباد جو رستو ڏٺل آهي، بلاول

بدين/ ٽنڊو باگو(نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته سنڌ کي حق نه مليا ته اسان کي اسلام آباد جو رستو ڏٺل آهي ۽ اسلام آباد اچي پنهنجا حق کسي وٺنداسين. اهڙو اظهار هن بدين ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ پارٽي ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان سنڌ جي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ ته ٺهيو پر همدردي جو اظهار به ناهي ڪيو، پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ جو عوام ٻڏي ويو پر وفاقي وزير چون پيا ته 300 رپيا به نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار ناڪام ٿي چڪي آهي.

Photo Sindhyar

بلاول ڊاڪٽر فهميدا مرزا جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس بدين جي سليڪٽيڊ وزير طور مخاطب ٿيندي چيو ته هن تڪ جي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته سنڌ جو پيسو سنڌ جَي عوام کي ڏنو وڃي، هاڻي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جا 20 ضلعا ٻڏل آهن، برسات ۽ ايل او ڊي جي گھارن سبب فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آھن. ھن چيو ته برسات متاثرين کي پاڪستان ڪارڊ ڏنو وڃي. ھن چيو ته عمران خان رڳو اسلام آباد جو وزيراعظم ناھي، ھو رڳو پنج ڪلاڪ ڪراچي آيو ھو، ھن کي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به اچڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ موجوده منافق وزيراعظم جي وقت ۾ جيڪو معيشت کي نقصان پھتو آهي اھو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن به  نه ٿيو ھو. ھن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جا 200 ارب ڏنا وڃن ته ايل بي او ڊي جي ريماڊلنگ ڪرائي سگھون. بلاول ڀٽو برسات متاثرين لاء ٺاھيل ٽينٽ سٽي ۾ راشن ورھائڻ نه ويو. ڇو ته سندس دورا کان اڳ خبرون هليون ته انهن ۾ متاثرن بدران پي پي جي زميندارن جا هاري موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو