سنڌ جو نالو کڻڻ تي ڪارڪن کنڀجن پيا، مهيسر

پيرجوڳوٺ(صفي الله مڱڻيجو) جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، ايوب لاشاري، حاڪم آريجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ چوڻ جي ڏوهه ۾ اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته جسقم پرامن جدوجهد تي ايمان رکندڙ عدم تشدد جي فڪر هيٺ هلندڙ پارٽي آهي ڪراچي مان جسقم ضلع ملير جي ڊپٽي آرگنائيزر ضمير حاجاڻو کي پنهنجي امڙ ۽ ڀينرن سان گڏ ويندي رستي مان گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو ويو آهي اسان کي اِهو ٻڌايو وڃي ته ضمير حاجاڻو جو آخر ڪهڙو گناهه آهي. هنن چيو ته اسان جي پارٽي جو منشور ۽ آئين محبت ۽ امن جو درس ڏئي ٿو اسين ڪنهن به دهشتگرد جي نه حمايت ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگردي ۾ ملوث رهيا آهيون ۽ نه ئي اهڙي پارٽي سان گڏ هونداسين جيڪا عدم تشدد جي واٽ تي هلندي هجي. هنن چيو ته اسان جيڪو ڪراچي ۾ پرامن احتجاج ڪيو ان جي ڏوهه هيٺ اسٽيل مل ٿاڻي تي اسان جي پارٽي چيئرمين صنعان خان قريشي سميت ٻين قومي ڪارڪنن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ ضمير حاجاڻو کي فوري طور تي آزاد ڪري چيئرمين سميت ٻين ڪارڪنن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو