سنڌ حڪومت پاران عرفان بلوچ جي بدلي روڪڻ جي درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي عرفان بلوچ کي سنڌ پوليس مان ايف آءِ اي ۾ مقرر ڪرڻ بابت فيصلو واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪشن آفيسر عبدالرزاق ساند جي صحيح سان خط چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي اماڻيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي عرفان بلوچ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مقرر آهي سنڌ ۾ پوليس سروس آفيسرن جي کوٽ آهي ان ڪري سنڌ ۾ رهڻ ڏنو وڃي. ياد رهي ته 29 نومبر تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن عرفان بلوچ جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو