سنڌ حڪومت جي 12 سينئر آفيسرن جو بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ حڪومت سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. جن موجب بورڊ آف روينيو مان گريڊ 19 جي آفيسر امتياز احمد شيخ کي بدلي ڪري سنڌ پريڪيورمينٽ اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جتان جاويد صبغت الله مهر کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي بورڊ آف روينيو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 19 جي آفيسر شهاب قمر انصاري کي ٿر ڪول مان بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس مقرر ڪيو ويو آهي جتان محمد بچل راهپوٽو کي هٽائي کيس سيڪريٽري ورڪر ويلفيئر بورڊ لڳايو ويو آهي. گريڊ 19 هين جي لوڪل گورنمينٽ سکر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر يار محمد جوڻيجو کي گريڊ 20 جي اضافي چارج بطور ريجنل ڊائريڪٽر جي به ڏني وئي آهي. گريڊ 19 جي اسد ضامن جيڪو واٽي سپلاءِ اسڪيم ڪراچي ۾ پي ڊي هو تنهن کي بدلي ڪري فنانس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي پر واٽر سپلاءِ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي به چارج هوندي. گريڊ 19 جي آفيسر سعيد احمد شيخ جيڪو ايڊيشنل سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي آهي تنهن کي ايديشنل سيڪريٽر جنرل ايڊمنسٽريشن لڳايو ويو آهي پر وٽس ٻئي چارج هونديون. ايڊيشنل سيڪريٽر جي اي بدرالدين شيخ کي بدلي ڪري سي ايم هائوس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. گريڊ 19 هين جي رياض علي عباسي جيڪو اينٽي انڪروچمينٽ ۾ آهي تنهن کي بدلي ڪري  ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم کاتي ۾ (اسڪولز) لڳايو ويو آهي. جتان آغا فخر کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري انڊسٽريز لڳايو ويو آهي. گريڊ 19 جي آصف علي ميمڻ جيڪو سيڪريٽري ورڪر ويلفيئر بورڊ هو تنهن کي بدلي ڪري ڪين ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو