سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ ڀرتيون نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڀرتين کي روڪي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ايم ڪيو ايم جي درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڀرتيون ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهي آهي.درخواستگذار چيو ته سنڌ حڪومت جو مدو 11 آگسٽ 2023ع تي ختم ٿي رهيو آهي، سندن اهو عمل چونڊن کان اڳ واري ڌانڌلي جي زمري ۾ اچي ٿو.عدالت درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڀرتين جو سلسلو روڪي ڇڏيو ۽ نوڪرين جا مختلف اشتهار به روڪي ڇڏيا.عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي 30 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو