سنڌ جي 35 اسپتالن ۾ سولر سيسٽم لڳايو پيو وڃي، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توانائي کاتي ۽ ورلڊ بينڪ وچ ۾ سنڌ سولر پاور پراجيڪٽ تحت جناح پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر ۾ سولر پي وي سسٽم لڳائڻ واري منصوبي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي توانائي کاتي جو وزير امتياز احمد شيخ ۽ ورلڊ بينڪ پاران سندس پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر نجي بين هاسين Najy Benhassine۽ جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي ۽ انتظاميه جا ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت مٿين ترجيحي بنياد تي عالمي بينڪ جي سهڪار سان وڏين سرڪاري عمارتن کي سولر پاور تي منتقل ڪرڻ واري منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ صوبي ۾ ماحول دوست توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ گلوبل وارمنگ جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ جي ڏس ۾ هڪ اهم منصوبو جوڙيو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان منصوبن کي وقت سِر مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن وسيلن کي ڪتب آڻيندي. ان موقعي تي صوبائي وزير امتياز شيخ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ تحت جي پي ايم سي جي 14 عمارتن ۽ ٻن پارڪنگ ايرياز جي سولرائزيشن تي 15 ڪروڙ 85 لک رپين کان وڌيڪ لاڳت سان 1590 ميگاواٽ شمسي بجلي جو سسٽم لڳايو پيو وڃي. هن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سولر پاور سسٽم جي 20 سالن جي گارنٽي آهي ۽ انهي تي جيڪا سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي اها ٽن سالن اندر سستي شمسي توانائي ذريعي بحال ٿي ويندي.  بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جي پي ايم سي ۾ سولرائزيشن جو ڪم تيزي سان هلندڙ آهي، تقريباً 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي باقي 20 سيڪڙي ڪم ۾ وائرنگ ۽ ڪجھ ٻيو ضروري ڪم آھي ۽ اُميد ٿي ڪجي ته ايندڙ ٽن مهينن اندر لاڳاپيل ڪم کي مڪمل ڪري شمسي توانائي جي فراهمي کي فعال ڪيو ويندو. ان دوران جي پي ايم سي جي دوري کان پهريان توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ  ۽ ورلڊ بينڪ جو پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر نَجي بينهاسن سنڌ ۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان شمسي توانائي جي منصوبي تي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي توانائي واري وزير منصوبي جي سڀني حصن تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان سنڌ ۾ 100 ملين ڊالر جي لاڳت سان شمسي توانائي جي فراهمي واري منصوبي تي ڪم جاري آهي. سنڌ شمسي توانائي واري منصوبي جا ٽي حصا آهن، جنهن ۾ 400 ميگاواٽ جو سولر پارڪ هڪ ڪمپوننٽ ۾ لڳايو ويندو. ٻئي ڪمپوننٽ ۾ سرڪاري عمارتون جنهن ۾ سنڌ جي پهرين 35 اسپتالن جن مان 8 ڪراچي جون آهن جن ۾ جي پي ايم سي، لياري جنرل اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي، اوجها اسپتال، سول اسپتال، اورنگي 2.5 نمبر اسپتال، 25 بسترن تي ٻڌل ڪورنگي اسپتال ۽ لياقت آباد اسپتال شامل آهن جي بلڊنگن ۾ شمسي توانائي جي فراهمي واري سسٽم کي لڳايو ويندو. جڏهن ته ٽئين ڪمپوننٽ ۾ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ٻن لک غريب خاندانن کي شمسي بجلي وارو سسٽم ڏنو ويندو جنهن تحت هر گهر کي هڪ پکو، ٽي ايل سي ڊي بلب ۽ هڪ چارجر ڏئي شمسي بجلي واري نظام تحت گهٽ اگهه تي لڳايو ويندو جنهن ۾ اڌ پئسو حڪومت ۽ باقي اڌ پئسو رهائشي پاڻ آسان قسطن ۾ ادا ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو