ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جي حڪمن بعد سڄي سنڌ ۾ مندرن تي سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي،مندرن تي سڪيورٽي لاءِ مختلف ضلعن جي ڊسپوزل تي 400پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو،مندرن تي مقرر سمورا اهلڪار ٻن مهينن لاءِ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا،آءِ جي سنڌ چيو آهي ته هندو برادري مندرن تي سڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪارن سان هر ممڪن سهڪار کي يقيني بڻائي،آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ آباد اقليتي برادري جو تحفظ به پوليس جي ذميواري آهي
