سنڌ جي عوام پي پي کان بيزاري جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، مقرر

سنڌ جي عوام پي پي کان بيزاري جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، مقرر

لکي(ن سنڌيار)پي ٽي آءِ جو حقوق سنڌ مارچ سکر کان لکي پهتو جتي وزيرآباد ۾ جي ڊي اي، جي ايم اين اي غوث بخش خان مهر پاران ڏنل آجياڻي واري جلسي کي اڳواڻن خطاب ڪيو. شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام الرحيم، حليم عادل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام زرداري مافيا خلاف ڀرپور نفرت جو اظهار ڪيو آهي. اسانجي مارچ جو هر جاءِ تي سنڌ جي عوام ڀرپور استقبال ڪيو آهي اسين سندن ٿورائتا آهيون. هنن چيو ته پي پي جي حڪومت 15 سالن ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو آهي ۽ اڄ سنڌ جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو 2023 جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي کي ڪامياب ڪندا ۽ سنڌ مان پي پي جي تڏا ويڙهه ٿيندي. ارباب غلام الرحيم چيو ته غوث بخش مهر سان پراڻو تعلق آهي، اسين سڀ متحد آهيون، سنڌ ۾ عوام تبديلي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

Former CM Sindh Mr. Arbab Ghulam Rahim is addressing Sindh Huqooq March

علي زيدي بلاول ڀٽو زرداري تي نال کڻي ڀرپور تنقيد ڪئي ته بلاول تون زرداري آهين، تون ذات مٽائي آهي، تو مان ڪهڙي چڱائي ٿيندي. هن جلسي م موجود امير بخش ڀٽو ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اصل ڀٽو هي آهي جيڪو اسان سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول اوهان سنڌ جو برو حال ڪيو آهي، اوهان پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾ ڇا ڪندا؟ عوام اوهان کي سڃاڻي چڪو آهي، اوهانجي سياست ختم ٿي ويندي.ان موقعي تي شهر يار خان ۽ ٻيا به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو