سنڌ جي سمورن جيلن کي شهري آبادي کان ٻاهر هجڻ گهرجن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران قانون ۽ انساني حقن واري وزير عمر سومرو چيو آهي ته سنڌ جي سمورن جيلن کي شهري آبادي کان ٻاهر هجڻ گهرجن، ڪراچي جيل کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي شفٽ ڪرڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي انتظام هيٺ سنڌ اسيمبلي هال ۾ ڪوٺايل سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. قانون واري صوبائي وزير عمر سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عدالتن جي ڪارروائي کي لائيو اسٽريمنگ ٿيڻ گهرجي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ايم پي ايز هاسٽلز نه هجڻ گهرجن، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي، سنڌ حڪومت وٽ تمام گهڻا فنڊ آهن، پر اهي استعمال صحيح نه ڪيا پيا وڃن. عمر سومرو جو چوڻ هو ته نگران سنڌ حڪومت وڪيلن جي بارز کي ساڍا 13 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت جي صوبي ۾ 18 لا ڪاليجز آهن، جن ۾ 3 لا ڪاليجز ۽ هڪ يونيورسٽي ڪراچي ۾ آهي. انساني حقن واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته نوجوان هن ملڪ جو مستقبل آهن، انهن کي اڳتي آڻڻو پوندو، اسان سنڌ جي انساني حقن واري کاتي ۾ نوجوانن کي موقعو ڏئي رهيا آهيون. سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ چيو ته ڪورنگي ۾ عدالتي ڪمپليڪس تعمير ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت 50 کان وڌيڪ هاءِ ڪورٽن کي اسڪيمون ڏنيون آهن، ڪراچي ۾ 27 وفاقي ڪورٽون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو