سنڌ جي ثقافت ـ ھر طرف ميلا مچي ويا

وفا ولي محمد ڦل
ثقافت ڏھاڙو ايڪتا ۽ اتحاد يعني گڏ ٿيڻ جو ڏينھن. سنڌ جا ماڻھو ان ڏينهن تي گڏ ٿي ثابت ڪن ٿا ت اسين سڀ سنڌي گڏ آھيون.ايڪتا ڏھاڙ و ملھاءڻ جي سڏ سان اسان جي ڳوٺن ۾ ھٿ جي ھنر ۽ دستڪاري جي پٺتي پيل فن کي وڏي ھٿ ملي آهي. سنڌ ڌرتي امن شانتي ۽ پيار جي ڌرتي آھي.سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي شروع کان وٺي امير رهي آهي. ھي جيڪو ايڪتا ڏينھن ملھاءڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. تنهن سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي کي تمام کلي ۽ بھترين طريقي سان نروار ڪيو آهي. ان ڏينھن تي خاص ڪري پٺتي پيل علاءقن ۽ اتان جي سادن سٻاجهڙن ماروءڙن جي زندگين ۾ بھتري آءڻ لا۽ جاکوڙڻ جو وچن ب ڪرڻ گھرجي.
ھر سال وانگر ھن سال به ڊسمبر مھيني جي پھرين آچر 3 ڊسمبر تي سڄي سنڌ م ڌام ڌوم سان ملھايو پيو وڃي .منهنجي طرف سان توھان سڀني سنڌواسين کي”ايڪتا ڏھاڙو مبارڪ”دنيا جي تمام ٽوپين ۾ سنڌي ٽوپي اها واحد ٽوپي آهي جنهن کي پنهنجي اسلامي شناخت رکڻ جو شرف حاصل آهي حيرت آهي ته دنيا جي ڪنهن به مسلما ن ٽوپي پائڻ واري ۽ ٽوپي ٺاهڻ واري کي اهو خيال نه آيو ته هن ٽوپي جي اندر نماز پڙهڻ لا۽ ڪو محراب به هجڻ گهرجي . سچ پڇيپو ته هي محراب نماز لا۽ نه پر نمازي لا۽ آهي ته هو قبلو رخ ڪري پنهنجي پيشاني کي زمين تي رکي ته جئين سوا۽ مسلي جي ٻئي ڪا به شئي درميان ۾ نه اچي . اها ڳاله اسان کي ان ڏانهن به اشارو ٿي ڪري ته اصل شئي ٽوپي نه اهو سر آهي جيڪو ڍڪيل الله جي عبادت ڪري رهيو آهي .هر ملڪ هر قوم هر خطي جي ڪانه ڪا شناختي ٽوپي ضرور هوندي آهي .پر گهڻن ماڻهن جي ته شناخت ئي ٽوپي ٿي وئي آهي . مٿال طور قائداعظم ، جواهر لال نهرو ، بابائي سياست نوابزاده نصرالله خان مرحوم قائداعظم جي ٽوپي جو نالوئي جناح ڪيپ پئجي ويو. نهرو جي دوپلي ٽوپي هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن ڀارت جي سياستدانن جي مٿي تي پهريل نظر ايندي آهي . ترڪي ٽوپي ته هاڻي ترڪي ۾ به پهريل نظر نه ايندي آهي مگر جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيکائڻي هجي ته نوابزاده جو فوٽو ڏيڪاريو ويندوآهي. اهي ٽوپيون انهن بزرگن جو شعار هيون جيڪي ماڻهو وقت آهر پنهنجون ٽوپيون مٽائيندا رهندا آهن بلڪه ڪڏهن پائيندا ۽ ڪڏهن لاهيندا رهندا آهن انهن جي ڀلا ڇا ڪا سڃاڻپ هوندي . انگريزي فوج جڏهن هن برصغير ۾ آئي ته پنهنجي اها شناخت واري ٽوپي پائي آئي جيڪا اڄ ڪله ملڪ برطانيه جي محافظن جي سر ۽ بجا طور ته انهن جون اکيون ڍڪڻ جي ڪم ايندي آهي . نادرشاه دراني جي فوج به سرخ پوش رهنما خان عبد الغفارخان وانگي ڳاڙهي ٽوپي پائي دهلي جي مٿان چڙهائي ڪئي هئي . اهو نادر شاه دراني جنهن لا۽ ڪنهن حق پرست فارسي شاعر چيو آهي. شامت اعمال ما صورت نادر گرفت اڄ جي دور ۾ به اسان جي شامت اعمال ٽوپي پائي نادر نه سهي ناٽو هي سهي سو ٽوپي پائڻ وارا اڄ ڪله ماڻهن جي قتلام جو ڪم عراق کانپو۽ افغانستان،پاڪستان ۾ ڪري رهيا آهن .افغانستان ۾ قاتلن جا پو۽ لڳ حڪمران به قراقلي ٽوپي ۽ چغا پائي نيٽو جي نيلي ٽوپي پاتل فوج جي پناه ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هرطرف ثقافت جي آڙ ۾ ٽقافت کي ئي تبديل ڪيو پيو وڃي . ثقافت ته اسانجي کي به تبديل ڪيو پيو وڃي . هاڻي ڪله ئي جي ته ڳاله آهي ته اسانجي سنڌ ۾ ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين يوم ثقافت وڏي دهوم ڌهام سان ملهايو پيو وڃي چوڻ وارن چيو ته هي ڏينهن سنڌ جي ثقافت ٽوپي ۽ اجرڪ جي حرمت جو ڏينهن طور ملهايون پيا پر هي ڏينهن منائڻ وارن کي مذڪوره ٽنهي شين يعني سنڌ جي ثقافت ، ٽوپي ، اجرڪ جي حرمت سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي هلا گلا رنگ رليون منائڻ وارن جي سر تي نه ٽوپي هئي نه ڪلهن تي اجرڪ نه انهن جي حرڪتن مان ڪا سنڌ جي ثقافت نظر اچي رهي هئي. اخبارن ۾ جيڪي تصويرون شائع ٿيون انهن ۾ صرف اسانجي سنڌي ڀينرن سنڌي نياڻين جون مردن سان گڏ نچڻ واريون تصويرون هنيون . سنڌ جي بالغ نياڻين کي روڊن رستن تي اچڻ نه گھرجي ته بھتر آھي سنڌهي اجرڪ به وڏي ڪم واري شئي آهي هي نه صرف اسانجي سنڌي نياڻين جو پردو آهي پر هي مردن لا۽ به وڏي ڪم واري شئي آهي وضو ڪندا آهن ته انهي سان ئي پنهجي منهن کي صاف ڪندا آهن ، مسلو جيڪڏهن نه ملي ته انهي کي وڇائي پنهنجي پوردگار جي عبادت ڪندا آهن . جيڪڏهن تتي لو هلي ته انهي کي آلو ڪري لون گرمي کان بچندا آهن ، جيڪڏهن مٽي جو ڪو طوفان اچي وڃي ته اها اجرڪ ماسڪ جو ڪم به ڪندي آهي ، جيڪڏهن سفر ڪندي ٿڪجي پيا آهيو ته ڪنهن وڻ جي هيٺيان سمهي اجرڪ مٿان وجهي خوب گهوگهرا ٽا هڻي ننڊ ڪيو ، جيڪڏهن کارڪن جي باغ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو ته گهران آيل ماني جي لا۽ اجرڪ کي وڇائي دستر خوان ٺاهي وٺو . سردي ۾ اها اجرڪ لوئي جو ڪم ڏيندي ، گرماگرم چانه جي پيالي کي پڪڙڻو هجي ته اتي به اجرڪ ڪم ايندي آهي ، گهر آيل مهمان کي جيڪڏهن موڙي تي وهائڻو هجي ته ان اجرڪ سان موڙي جي صفائي جو ڪم ڪيو ويندو آهي پر هاڻي اها اجرڪ نچڻ ۽ نچائڻ جي لا۽ استعمال ڪئي پئي وڃي .ماضي ۾ حيدرآباد کان جيڪي رپوٽون اماڻيون ھيون ان مطابق ترانو جئي سنڌ جئي، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا ان تراني تي نچڻ وارا مڙس ماڻهو ۽ عورتون جنهن ۾ قوم پرست جماعتن جا ڪارڪن به شامل هيا جن پنهنجي هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا به کنيل هيا انهن کي نچڻ کان منع ڪرڻ وارا پوڙها جن کي مجال نه هئي جو هن ماحول ۾ منع ڪر ي سگهن . جيڪڏهن اهي بزرگ روڪن پيا ته هي جوش جذبات ۾ وڌيڪ تيزي سان نچڻ لڳندا هيا ۽ چوندا هيا ته چاچا اسان کي روڪين ڇو ٿو اڄ نچڻ ڏي . ۽ جڏهن هو چوندا هيا ته . پٽ اسانجي ثقافت ته شاه عبدالطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ۽ ٻين صوفيا ڪرام جي ثقافت آهي هن ڌرتي رهڻ وارن سنڌهي مسلمانن جي ثقافت ته همدردي ، مهمان نوازي ، ڀائيچارو ، خوش اخلاقي آهي آخر اهو ڪير آهي جيڪو صدين کان هلندڙ ثقافت اسانجي روايات کي ناچ گاني ۽ بي حيائي جي ڪمن ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي آخر اهو ڪير آهي جنهن اسانجي نياڻين جي سر کان اجرڪ اسانجي نوجوانن جي سر کان ٽوپي کي لاهي ڏيکاري. .سنڌي اجرڪ ٽوپي ڏھاڙو ملھائڻ وقت اسان انشأ ء الله وچن ڪنداسين ته اسان سنڌ ڌرتي تي امن سڪون سلامتي لأء پاڻ پتوڙينداسين اسان جي وارثي تڏهن ٿيندي جڏهن اسان ڀلائي امن سلامتي جو آغاز پنهنجي پاڙي کان ڪنداسين ٻن وڙھيلن جو ٺاھ ڪرائينداسين ماڻهن کي جھيڙن نفرتن جي نقصان کان آگاھ ڪنداسين کين ٻڌي سان رھڻ سان گڏ ذات پرستي کان بلند ٿي سڄي سنڌ جي ماروئڙن جيڪي گھر ۾ سنڌي اردو پنجابي پشتو يا ڪا ٻي ٻولي ڳالھائين ٿا تن کي پنهنجو ڀأ سمجھنداسين علم عام ڪري ماڻهن جي دلين مان خوف رنجش مفاد پرستي ختم ڪنداسين ٽوپي اجرڪ مھماننوازي سنڌجي اولين ثقافت آھي شادي خوشي ۾ ٽوپي اجرڪ اسانجو سرمايو سونھن بڻيل ھوندو آھي گھر ۾ نياڻي لاء جھڙي طرح چادر اھم ھوندي آھي اھڙي طرح مردن نوجوانن معصوم ٻارن لاء اسان جي ھيء اھم اجرڪ ٽوپي سونھن سوڀيا آھن جيڪا 5ھزار سال پراڻي تھذيب برقرار آھي ڪوبھ سنڌ دشمن ملڪ دشمن اسانجي ٽقافت خلاف اگر بڪواز ڪندو يا نافرماني ڪندو ته اسان سنڌي سنڌجاحڪمران
به گڏجي ان سنڌ دشمن خلاف ڀرپور مزاحمتي جنگ ڪنداسين آخر ۾ الله پاڪ در دعا آھي ته اسانجي سنڌ جي ھن سونھن سوڀيا جھڙي ثقافت کي ڪو ڪوسو واء نه لڳي ۽ھيء سنڌ جي ثقافت تاقيامت شاد آباد ۽ سھڻي نموني جوش ۽ جذبي سان ھميشھ زندھ رھي ( ـآمين )

پهنجو تبصرو موڪليو