طفيل مگسي
هن محبوب سونهاري .عظيم ۽ مقدس درتيء تي ڏات جي ڏات ڌڻين پنهنجي علم و ادب.تجربي ومشاھدي جي بنياد تي روشن ڄاٽيون ٻاري جنگ.جبر.ڏاڍ.غلامي ۽ ڏمر جهڙين گهگه اونداهين کي ساڙي خاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاء سدائين پئي جنگ جوٽي آھي.هر شريف.باشعور ۽ با ضمير انسان انهن جنگين ۾ مظلوم و محڪوم ۽ مسڪين واٻوجه ماڻھن جو پئي ساٿ ڏنو آھي.۽ انهن جنگين جا جرنيل جتي انقلابي شاعر.اديب.قلم ڌڻي رهيا آھن ته اتي ڌرتي ماتا جي سياسي اڳواڻن پڻ اهو ساڳيوئي ڪردار ادا ڪيو آھي.جن منجهان هڪ عظيم ڪردار باباء سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو پڻ آھي.
ڪامردڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي وقت جو اهو انقلابي ۽ ويڙھو ڌرتي جو پٽ ۽ ھن قوم جو باباء ھو.جنهن کي اڄ جا نه صرف پنهنجا بلڪ پراوا دشمن سياستدان پڻ مڃي ۽ احترام ڪري رهيا آھن.حيدر بخش جتوئي جنهن جي لاء ان وقت جي عظيم مارڪس وادي انقلابي مرحوم ڪامريڊ ڄام ساقي چيو هو ته
ويڙھو پٽ وريام جا وڙھندو رهجائن ودڙھ ۾
مائرن توڏي مڪيا سهسين سرخ سلام
هر گهٽيء ھر گام نعرا تنهنجي ناء جا.
اهڙا ويڙھو ۽ سرويچ ۽ جوڌا جوان هر گهٽي ۽ ھر گام تي ڳايا ويندا آھن.ڇوت هو حق ۽ سچ .سونهن ۽ صداقت واري جنگ ۾ مظلومن ومحڪومن جا ڀرجهلو.ساٿاري ۽ رهڀر هوندا آھن.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيء نه صرف سياسي بنياد تي جدوجهد ڪئي بلڪ هن پنهنجي روح جي تهن ۾ گهري ودينڙ شاعري جي ذريعي به هارين جي مظلوميت ۽ جاگيردارن جي سمورين بڇڙائين کي پنهنجي شاعفري ۾ وائکو ڪري سندن منحوس چهرن ۽ ڪارن ڪرتوتن کي عالم آشڪار ڪري هارين جي هلايل جدوجهد کي هٿي ڏني.سندس شاعري اڄ سوڌو غريب ۽ مسڪين پورهيت جي جذبي جي ترجمان آھي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي سياسي سچائي سان گڏ وگڏ پنهنجي شاعري جي ذريعي گهر گهر ڳائجڻ لڳو.هارين جي جلسن ۾ ڪامريڊ جا ٻول جذبن جا سمنڊ اٿلائي ڇڏيندا هئا.سندس تحريڪ صدين پراڻي جاگدرداري ۽ زمينداري سرشي ۾ وڏا وڏا ڏار وڌا ۽ سندس بنياد ڌوڏي وڌا.سندس سڄي شاعري ۾ سائنسي شعور چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آھي.تڏھن ئي ته ڪٿي به قومي تنگ نظريء جو شڪار ٿيندي دنگ کان دنگ وڏيرن ۽ ظالمن زميندارن.پيرن.۽ ميرن مان رتيء جيترو ڪون ڏيکاريو آھي.کيس سندن رت ۾ قوم لاء محبت ۽ ڌرتيء لاء چاهت ڪون محسوس ٿي.هن ڌرتي ڌڻي وڏي واقعي بار بار چيو ته انهن جو دين ڌرم .قوم ۽ وطن دولت ۽ ڦرلٽ آھي.تڏھن ته هو هنن سان سخت نفرت ٿو ڏيکاري .سندس جدوجهد جو ٻيو مورچو “امن لاء ۽ انسانيت جي بقا جو مورچو هو.هن جي نماڻين اکين جي اڳيان ڌرتي جون سرسبز جهوپڙيون .ڪکاوان گهر.معصوم ٻارڙا ۽ بيگناھ انسان ٻي عالمي جنگ جي خوفناڪ ٻارڻ طور ٿي ڪم اچي رهيا هئا.منٽن ۾ ڀريل ڀانڊا ڀينگ ٿي رهيا هئا۽ ميلن تي پئي رک اڏامي.انسان حي سونهن قوم ۽ ڌرتي جي بقاء لا انهيء ۾ ھئي ته جنگ جو انت امن جو اڇو ڳيرو “گهوگهو “ ڪري پرڙا پکيڙي جنگ جا ڪارا ڪڪر اڏائي ڪينجهر ۽ منڇر ججڙو نيرو آڪاش اجرو ڪري ڇڏي.اها جنگ ڪالھ حيدر وڙھي هئي۽ اڄ ان کي پوري جوش.جذبي.ايمانداري ۽ بهادري سان اسان کي وڙھڻي آھي.ليڪن اڄ جو ديو ڏاڍو پونتو آھي.هن وٽ ايٽم بم ۽ ايف سورهن ايترا ته آھن.جو انهن جي استعمال سان هيء دنيا هزارين ڀيرا برباد ۽ تباه ڪري سگهجي ٿي.۽ اھو جنگ جو ديو عالمي سامراج آھي.جنهن لاء ھر باضمير انسان دوست وٽ نفرتن جو جو سمنڊ اٿل پٿل کائيندو نظر اچي رهيو آھي.عقل کان عاري شعور کان بي شعور ماڻھن لاء ھي جرض آھي ته جي ٽين عالمي جنگ لڳي ته پوء قومون ته آزاد ڪون ٿينددون پر اهو ضرور ٿيندو ته هي ڌرتي بني نوع جي بار کان هميشه جي لاء آزاد ٿي ويندي.جڏھن ڪن ماڻھن جون اکيون اهو سڀ ڪجه ڏسڻ کان انڌيون آھن ۽ ھو انسانن جا طالب نه بلڪ ڌرتي جا طالب آھن ته پوء ھي ڌرتي ته رهندي پر ڌرتي تي انسانيت نه هوندي.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن پنهنجي ڪليڪٽري واري دور ۾ ھارين.پورهيتن سان جاگيردارن ۽ زميندارن جي ظلمن کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ ھن کي انهيء نظام منجهان گهٽ و ٻوسٽ محسوس ٿي.جنهن سبب هن پنهنجي نوڪري کان استيعفي ڏني ۽ مڪمل طور تي هارين جي حقن جي جدوجهد جي لاء چيله سان سندرو ٻڌي ميدان تي لهي پيو.ان وقت جاگيردار يا زميندار هاري کي سندس پورهئي جو ٽيون حصو ڏيندو هو.جنهن جي خلاف هن ڊگهي جدوجهد ڪري جاگيردارن ۽ زميندارن کي مجبور ڪيو ته هاري کي سندس پورهئي منجهان اڌ ڏنو وڃي.نيٺ جاگيردار مجبور ٿيا ۽ اڌ بٽائي ڏيڻ تي راضي ٿيا.جڏھن حيدر بخش جتوئي جو دور هئو ته ان وقت وونٽر لسٽون اردو ۾ شايع ٿينديون هيون.حيدربخش ان خلاف پڻ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ وقت جا حڪمران گوڏا کوڙڻڻ تي مجبور ٿيا ۽ وونٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپجڻ لڳيون.اهڙي ريت سنڌ جي ريلوي اسٽيشنن تي صرف اردو ۽ انگريزي ٻولي لکي ويندي هئي.ان جي خلاف به ڪامريڊ جي جدوجهد ر نگ لاتو ۽ ھر اسٽيشن تي اردو ۽ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي پڻ لکي وئي.جڏھن ايوب جي ننگي آمريت قائم ٿي ته هن جلاد صفت ٻين قوميتن کي ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪري ڇڏيو ۽ انهيء ون يونٽ جي خلاف جيڪو حيدر بخش جتوئي ڪردار ادا ڪيو ان جو مثال تاريخ جو هڪ باب بڻجي ويو.مظلومن ۽ محڪومن جي حقن خاطر هن مرد مجاهد مڇ جيل جون به صحبتون سٺدون مگر ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايائين.پنهجي زمين ڪيترن ئي هارين ۾ تقسيم ڪيائين ۽ ان وقت تائين ميدان عمل ۾ رهيو جيستائين هو زنده رهيو.حق ۽ باطل جي جنگ وڙھندوڙھندو رهيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جنهن اڄوڪي ڏينهن يعني7 آڪٽومبر1901ع ۾ تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ جنم.ورتو.
