سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران اسيمبلي آڏو احتجاج جو فيصلو

حيدرآباد(ن سنڌيار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه ۽ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو آهي چيو آهي ته 12 جون تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾ گڏيل راءِ سان سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو ويندو، سيد جلال شاه چيو آهي ته پوليس ملڪ رياض جي ونگار وهندي 18 کان مٿي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن، ٽن ضلعن جا ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز موجود هئا پر تنهن باوجود اتي باه لڳي ۽ ڀڃ ڊاه ٿي، هن چيو ته جسقم اڳواڻ صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ سندس گهر تي چڙهائي جي مذمت ٿو ڪريان، ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو آهي ته بحريا ٽائون آڏو پرامن احتجاج ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ قومپرست اڳواڻن تي فائرنگ واقعي جو ڪيس سنڌ سرڪار خلاف داخل ڪرايو ويندو، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو آهي هت سنڌ جو 5 ڪروڙ عوام بحريا ٽائون خلاف آهي سنڌ سرڪار ڪجه به ڪري سنڌ جي زمين بحريا حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو