سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري 5 ڄڻا فوت، 14 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري 5 ماڻهو فوت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. صالح پٽ مان نياز مهر مطابق ڳوٺ مالاھو وٽ عابد پٽ ھوٿي ڀنڀرو ڳوٺ کبڙي ڀٽ کان پنھنجي زمين تي وڃي رھيو ته جو ابدار سونو ٿيٻو، علي گل ٿيٻو، عبدالله ٿيٻو ۽  ٻين لٺيون ھڻي ۽ گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مقتول جو چاچو امام ڏنو ڀنڀرو مقتول جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال روھڙي موڪليو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته صالح پٽ پوليس 8 کان وڌيڪ ٿيٻا برادري جي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. علائقي ۾ اھي چوٻول آھن ته عابد ڀنڀرو کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي. *** خانواهڻ مان عاجز امتياز نوح پوٽو مطابق ديهات جي معزز شخصيت سيد مظھر علي شاه جو والد پ پ پ جو پراڻو ڪارڪن، جيالو ۽ يوسي ديهات جو چيئرمين اسڪارب ٽيوب ويل آپريٽر سيد انور علي شاه دل جو دؤرو پَوَڻَ سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي نماز جنازه ۾ درگاه محسن شاه جي سجاده نشين سيد جمن شاه، جي ڊي اي اڳواڻ سرائي ارشاد احمد هرياءُ، ساس خانواهڻ جي سيڪريٽري ذوالفقار علي جلباڻي، سماجي اڳواڻ محرم علي کوکر،پرورز حسين ڀنڊ،وحيد احمد نوح پوٽو،ڊاڪٽر مظهر کوکر سميت سياسي، سماجي،مذهبي اڳواڻن، صحافن،اديبن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق ڳوٺ بٺو ۾ گهرو اڻبڻت تان 17 ورهين جي نوجوان سجاول خان ولد شھمير خاصخيلي زهريلي زرعي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارث تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي آيا جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد متقل ڪيو ويو. *** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق انڊس ھاءِ وي روڊ تي تيز رفتار ڪار مسافر وين کي اور ٽيڪ دوران ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ تان لھي ڪلٽيون کائي اونھي کاھي ۾ ھلي وئي جنھن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو واسي ڪار سوار سرفراز عرف ذيشان منگي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي شھرين ڪار مان ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شعبه حادثات اسپتال پھچايو جتي زخمي کي انتھائي نگھداشت وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پھچي حادثو ڪندڙ ڪار ۽ مسافر وين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي وين  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. *** وڳڻ مان علي مصطفيٰ بروهي مطابق ڳوٺ لڌو خان مغيري ۾ موالي طالب حسين مغيري پئسا نه ڏيڻ تي پنهنجي گهرواري 25 سالن جي مسمات ( ع ) خاتون کي ڪاوڙ ۾ اچي ڪهاڙي وهائي ڪڍي ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. دانھن تي پاڙي وارا پھچي زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ذوالفقار علي جتوئي چيو ته واقعو گھريلو معاملي تان پيش آيو آهي وڌيڪ جانچ ڪريون پيا ۽ متاثر  عورت جا وارث ٿاڻي تي ايندا ته قانوني مدد ڪنداسين. *** ميهڙ مان غلام حسين پنهور مطابق ڳوٺ محمد خان چنڊ ۾ ڀائيٽي تعمير چنڊ پنهنجي چاچي 50 ورهين جي گدا حسين چنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد سنڌي ٻٽرا چوڪي پوليس جاءِ واردات پهچي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ مقتول جي لاش پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته چاچي جي قتل ۾ ملوث ملزم تعمير چنڊ کي پوليس بروقت ڊبل بيرل بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

شروعاتي رپورٽ مطابق واقعي جو ڪارڻ پلاٽ جي تڪرار جي ورهاست جو معاملو ٻڌايو پيو وڃي. *** ٿرڙي محبت مان صدام حسين چانڊيو مطابق نئون ڳوٺ جي رهواسي ٽريڪٽرٽرالي تي پلال جو ڀريل کرو ٽرالي ۾ کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾بجلي جي 11هزار تار ۾ پورهيت آصف علي سولنگي ٽرالي مٿان ويٺل تارن سان ٽڪرائجي ويو جنهن دوران هو سڙي زخمي ٿي پيو ۽ پلال سان ڀريل ٽرالي کي باهه لڳي وئي. ساٿي مزدورن فوري طور پي پي ايڇ آءِ سرڪاري اسپتال ٿرڙي محبت پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏيارڻ بعد سرڪاري ايمولنس ذريعي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي امدادي علاج لاءِ ريفرڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ٻڌايوته پورهيت جو 70/کان 80سيڪڙو جسم سڙي چڪو آهي جنهن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. *** ڪلوئي مان غلام مصطفيٰ نهڙيو مطابق ڳوٺ کيتلاري اسٽاپ وٽ  مٺي کان ڪراچي ويندڙ  اي سي مسافر ڪوچ نمبر 745  روڊ تي اٺ اچڻ ڪري تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ اندر سوار 10 کان به وڌيڪ مسافر شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڪلوئي جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ پهچايو ويو آھي جتي سندن علاج هلندڙ آھي. جڏھن ته ڪجھ مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جن کي ابتدائي علاج بعد حيدرآباد ريفر ڪرڻ جو ڊاڪٽرن پاران فيصلو ڪيو ويو آھي. زخمين ۾ اوم پرڪاش، ڀيمون ميگهواڙ، ڀڳوان لهاڻو، ليمون ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن هوڏانهن اي سي ڪوچ مڪمل طور تباهه ٿي وئي آھي. جڏھن ته اي سي ڪوچ ۾ سوار مسافرن موجب ڪوچ ڊرائيور ڪوچ کي ايتري تيز هلائي رهيو هو جو مسافر کيس مٺي مان نڪرندي ئي التجائون ڪندا رهيا ته گاڏي آھستي هلائي. پر هن ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ آخرڪار روڊ تي اوچتو اٺ اچڻ سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويئي ۽ حادثو پيش آيو. ٻئي طرف لياقت نهڙيو مطابق مٺي حادثي ۾ زخمي نوجوان اوم پرڪاش کي حيدرآباد ريفر ڪيل ايمبولنس جو تيل نه ڏيڻ سبب مريض ڏيڊ ڪلاڪ لڪي پمپ تي تڙپندو رهيو. زخمي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان کي سول اسپتال مان ايمبولنس ۽ جعلي پرچي تيل جي ڏئي روانو ڪيو ويو ته پئٽرول پمپ وارن تيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ايمبولنس ڊرائيور ڏيڊ ڪلاڪ فرار ٿي ويو ۽ مريض دانهون ڪندو رهيو. اسان جي احتجاج بعد اسپتال انتظاميا ڪابه نه ٻڌي ۽ مريض شديد زخم هجڻ سبب رڙيون ڪندو رهيو.

زخمي نوجوان جي تڙپڻ ۽ احتجاج جي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کانپوءِ اسپتال انتظاميا جعلي پرچي واپس وٺي روڪ رقم ڏئي تيل ڀرائي مريض کي حيدرآباد روانو ڪيو. *** پير ڳوٺ مان صفي الله مڱڻيجو مطابق تنيا پل وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان صدام حسين الرو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق گنج ٿاڻي جي حد جاڳڻ چونڪي ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ درويش ڪاڪيپوٽو واسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان نادر ڪاڪيپوٽو فوت ٿي ويو.اطلاع تي سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ ھو ته ٽرالر تحويل ۾ ورتو آهي سندس ڊرائيو فرار ٿي چڪو آھي جڏھن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. *** ميرپورخاص مان بيورو رپورٽ مطابق ڪانڀو ولد ايوب شر جي پراسرار نموني گلي ۾ ڦنڌو لڳل لاش شادي پلي ٿاڻي تان مليو  هزارين ماڻهن جو پوليس اسٽيشن تي گهيرائو .اسانجي بچڙي کي پوليس بغير ڪنهن ايف آئي آر جي گرفتار ڪري پوليس تشدد ڪري قتل ڪيو آھي جنهن جو اعليٰ اختياريون نوٽس وٺي جاچ ڪرائي. ٻي پاسي شادي پلي جي رهواسين صحافين کي ٻڌايو ته چوري جي الزام ۾ گرفتار ٿيل هو جنهن جي اوچتي خبر پئي ته ٿاڻي اندر ئي خود ڪشي ڪئي اٿس. اهڙي خبر ملڻ تي ايوان صحافت جي ٽيم جو ايس ايڇ او کان موقف وٺڻ تي ايس ايڇ او شادي پلي عزيز سهيڙو ٻڌايو ته جوابدار ڳلي ۾ ڦنڌو وجھي پاڻ ئي خودڪشي ڪئي آهي. جوابدار کي  چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو