زرداري جي آزادي، خوشيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به ريليون۽ جشن

ڪراچي (نمائندن وٽان) احتساب عدالت پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي طبي بنيادن تي پمز اسپتال مان آزاد ڪرڻ جي خوشي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن تي پڻ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي مٺايون ورهايون ويون. جڏهن ته پ پ جيالن ۽ ورڪرن پاران جهمريون هڻي رقص ڪئي وئي. لاڙڪاڻي مان عبدالوحيد ابڙو مطابق پ پ يوٿ ونگ جي ضلعي صدر عمران حسن جتوئي، جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو، آصف علي عباسي، غلام رسول ڇڄڙو، چڀڙ خان جمالي، ضمير ڪوريجو، منصور کوکر، احمد ديناري، صديق ڪوريجو، جهوني جيالي ڪامريڊ الله بخش شيخ، احمد علي ڊکڻ ۽ ٻين طرفان پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي آزاد ٿيڻ جي خوشي ۾ ڌار ڌار خوشي جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر وقت عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ عدالتن جي فيصلن کي قبول پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته نيب وفاقي حڪومت جي چرچ تي پ پ جي مرڪزي قيادت آصف علي زرداري، فريال ٽالپر سميت ٻين مٿان من گهڙت ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پر انهن ڪيسن ۾ نيب ڪجھ به ثابت نه ڪري سگهي آهي جيڪا حق ۽ سچ جي فتح آهي.

هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن هر وقت عوام جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي جڏهن ته پ پ پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ سميت ملڪ جي عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪيو آهن. *** ميهڙ مان غلام حسين پنهور مطابق پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ضمانت ٿيڻ جي خوشي ۾  پيپلز يوٿ تعلقي ميھڙ ۽ سٽي جي اڳواڻن عباس مھيسر، ظفر چانڊيو، سرمد کوسو، ياسر عباسي، فھد سڪندر مھيسر، رياض خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دھلن ۽ شرنائين سان ريلي ڪڍي ۽ آصف زرداري جي حمايت ۾ پرجوش نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ھنن خطاب ڪندي چيو ته آصف علي زرداري مرد مجاھد آھي سندس ملڪ ۽ عوام لاءِ خدمتون آھن ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پنھنجي صدارت دوران 18هين ترميم جو خاتمو آندو ھن ملڪ جي ادارن کي مضبوط ڪيو. *** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پ پ پ ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ڪرڻ جي خوشي ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل مٽياري مخدوم فخرالزمان جي اڳوڻي ۾ هالا کان ڀٽ شاھ ۽ کنڊو تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شامل جيالا دهل ۽ شرنائين تي ڀنگڙا هڻندا ۽ پ پ جي ترانن تي ڊانسون ڪندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي مخدوم فخرالزمان جو چوڻ هو ته مرد مجاهد آصف علي زرداري سخت بيماري جي حالت ۾ به جيل ۾ رهيو پر سليڪٽيڊ حڪومت اڳيان نه جهڪيو.

هن چيو ته حڪومت لک ڪوششن باوجود به آصف علي زرداري خلاف ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهي ۽ مجبورن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي سندس ضمانت منظور ڪرڻي پئي. هن چيو ته انشاءَ الله تمام جلد ادي فريال ٽالپر کي به آزاد ڪيو ويندون. ان موقعي تي فقير حسين علي جعفري، . اڪبر ڀٽو، نثار ساگر، منير احمد خاصخيلي، فاروق نوحپوٽو، دريا خان منگواڻو ۽ شمن سهتو پڻ موجود هئا . *** رتوديرو مان عطاءُالله بروهي مطابق پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ جي خوشي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي رتوديرو جي صدر ممتاز علي عارباڻي، جنرل سيڪريٽري سيد مهدي شاھ، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سيد ميهر شاھ، سيد عابد علي شاھ، سيد شاھد حسين شاھ، ڊاڪٽر اطهر علي شاھ، نديم سومرو، عبدالخالق عارباڻي، وسيم عباس عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ ريسٽ هائوس رتوديرو کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ پيپلزپارٽي يونين ڪائونسل جي چيئرمين ميمبرن سپاف يوٿ ليبر ونگ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ته جيل جون سختـيون اسان جي اڳواڻن کي جهڪائي نه ٿيون سگهن اسان جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي بلا جواز گرفتار ڪيو ويو هيو ان مٿان ڪي به ڪيس نه آهن. هنن چيو ته ڪورٽ سڳوري طرفان ضمانت واري درخواست منظور ڪرڻ تي نهايت خوشي ٿي رهي آهي پ پ اڳواڻن طرفان جيالن ۽ شهرين ۾ خوشي ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي. *** قبو سعيد خان مان خادم حسين جاگيراڻي مطابق پ پ پ ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ سٽي قبو سعيد خان جي طرفان مٺائي ورهائي وئي.

ان موقعي تي سٽي صدر حاجي عرض محمد بروهي، سٽي انفارميشن سڪريٽري گل حسن مگسي جو چوڻ هو ته مرد آصف علي زرداري سخت بيماري جي حالت ۾ به جيل ۾ رهيو پر سليڪٽيڊ حڪومت اڳيان نه جهڪيو هن چيو ته حڪومت لک ڪوششن باوجود به آصف علي زرداري خلاف ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهي ۽ مجبورن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي سندس ضمانت منظور ڪرڻي پئي. هنن چيو ته پ پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ پيپلزپارٽي جا ورڪر جيالا آهن جن کي جيل يا اذيتون نٿيون جهڪائي سگهن. ان موقعي تي امتياز علي بروهي، شبير احمد مگسي، يوٿ اڳواڻ خادم حسين جاگيراڻي، ظفر علي مگسي، سجاد علي بروهي، گهنور علي بروهي، غلام مصطفى مگسي، علي گل کوسو، سڪندر مگسي، مير حسن کچي پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو