سنڌيار جي خبر تي نوٽيس، تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او تي ڪيس داخل

دادو(ادل مهيسر) ٿرڙي جادو شھيد ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ پوليس اھلڪارن پاران نوجوان راھب مڱڻهار  تي بي رحماڻا تشدد  ڪيو ويوهو، جنهن جي خبر سنڌ يار ۾ شايع ٿي هئي جنهن جو نوٽيس وٺندي، ايس ايس پي دادو  ڊاڪٽر فرخ رضا  متاثر نوجوان راھب مڱڻهار ۽ سندس والدين سان خصوصي ملاقات ڪري  متاثر نوجوان جي عيادت ڪندي سندس خيريت معلوم ڪئي ۽ نوجوان جي والد ۽ والده کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ کين انصاف جي آٿت ڏيندي مڪمل قانوني مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ٻئي پاسي اڄ متاثر نوجوان راھب مڱڻهار جي والد محمد صفر مڱڻهار جي فرياد تي ٿرڙي جادو شھيد ٿاڻي تي سابقہ ايس ايڇ او ۽ ٽن اھلڪارن سميت 7 جوابدارن تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ،ڪنھن سان بہ ناانصافي برداشت نہ ڪئي ويندي، ڪيس جي اڻ ڌري شفاف جانچ ڪري انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو