سنڌيار جو رپورٽر حملي ۾ ڀاءُ سميت زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو

نواب شاھ (اي ڪي ڏاهري) روزاني سنڌيار اخبار جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر صحافي اي ڪي ڏاھري جي گھر ۾ گھڙي حملو ڪندڙ جوابدار سوگھو، حملي ۾ صحافي ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيا، پوليس گرفتار جوابدار کي ٿاڻي تي وٺي وڃي ڇڏي ڏنو. صحافي تنظيمن توڙي نواب شاھ جي صحافين جوابدار کي گرفتار ڪري ڇڏڻ ۽ فريادي صحافي اي ڪي ڏاھري جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪرڻ ۽ آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شھيدبينظيرآباد، ايس ايس پي تنوير تنيو کان مطالبو ڪندي چيو ته ھي ڪٿان جو قانون آهي جو جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو پر جوابدار کي پوليس ٿاڻي تي وٺي وڃي اتان کان ڇڏي ٿي ڏئي ۽ فريادي جو ڪيس داخل ڪرائڻ بدران انھن کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو ٿو وڃي. جوابدار اطھر عزيز سندس ڀائر آفتاب عزيز ۽ ٻيا سرعام گھمي رھيا آھن ۽ ڪنھن به وقت جھيڙي جو خدشو آهي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کان گھر ٿا ڪيون ته جوابدارن کي في الفور گرفتار ڪري ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي ۽ صحافي اي ڪي ڏاھري سميت فيملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي  نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو