سنڌ بئنڪ کي باهه، موٽر وي ڪرپشن رڪارڊ ساڙڻ جي ڪوشش؟

نوشهروفيروز(ن س) سنڌبئنڪ نوشهروفيروز شاخ کي باهه، سمورو رڪارڊ سڙي وڃڻ جو خدشو عيد جي ٻئي ڏينھن سنڌ بئنڪ نوشهروفيروز برانچ جي ڇت تي باهه لڳي وئي، جنهن پوري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊ جي گاڏي ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهتي. باهه لڳڻ سبب جي آءِ ٽي روم ۽ موٽر وي اسڪيم جو سمورو رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو. جا افواھ سوشل ميڊيا تي ڦھلجي ويا موڪل واري ڏينهن سنڌ بئنڪ نو شهروفيروز کي باهه ڏئي سمورا ثبوت ۽ رڪارڊ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 4 ڏينهن اڳ سنڌ بئنڪ جي هيڊ آفيس جي ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ بئنڪ نوشهروفيروز برانچ جو دورو ڪيو، سمورن ملازمن تي ايريا مئنيجر منير گل شاهه جي حق ۾ بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، جڏهن ته بيان نه ڏيڻ بعد موڪلن واري ڏينهن باهه لڳڻ سبب ڪيترائي سوال اٿاريا ويا. . ثبوتن باوجود ٻن سينيئر آفيسرن کي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو عوامي راء

پهنجو تبصرو موڪليو