سم نالي جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي آبادگارن پاران سخت احتجاج

سانگھڙ(رپورٽذوالفقارعلي شاھ )چوٽياريون لڳ ٽنڊومٺاخان ڀرسان گذرندڙ سم نالي جو ڪم مڪمل نـ ٿيڻ تي آبادگارن سميت ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي سيد علي رضا شاھ’ سيد مرتضي’ شاھ’ سيد شفيع محمد شاھ’ ذڪريا لغاري’٠ جانڻ جانوري’ نواز علي خاصخيلي’ ۽ حاجي مير حسن جانوري’ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن مظاھري دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ ڪيترائي سال گذري چڪا آھن پر اڃان تائين سم نالي جو ڪم مڪمل نـ ٿي سگھيو آھي آبادگارن کي تمام گھڻو نقصان پھچي رھيو آھي سم نالي مان پاڻي نـ نڪرڻ تي اسانجا فصل تباھ ٿي رھيا آھن سم نالو فائدو ڏيڻ بجاء ڳوٺاڻن کي ويتر نقصان ڏيڻ لڳو سم نالي جو پاڻي نڪرڻ بجاء اھو ساڳيو سم وارو پاڻي واپس اچي رھيو آھي مظاھرين  ڊي سي سانگھڙ سميت ضلع جي اعلي’ عھديدارن کان گھر ڪئي آھي تـ سم نالي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي تـ جيئن وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي سگھجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو