سم نالن جي کاٽي نـه ٿي ته احتجاج شروع ڪبو،حسنين مرزا

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) جي ڊي اي جي پارلياماني ليڊر ايم پي اي ٽنڊوباگو حسنين مرزا وارننگ ڏيندي چيو آھي تـ جيڪڏھن ھڪ ھفتي اندر سنڌ حڪومت بدين جي سم نالين جي صفائي ۽ کوٽائي جو ڪم شروع نـ ڪرايو تـ پوء دمادم مست قلندر شروع ٿيندو ۽ حڪمرانن توڙي آفيسرن جو پيٽ چيري سم نالين جي نالي ۾ ھڙپ ڪيل اربين رپيا ڪڍي بدين جي عوام کي ٻوڏن کان بچائڻ لاء سم نالين جي کوٽايئي ڪرائڻ واسطي ڀرپور تحريڪ ھلائينداسين ـ هن گذريل سال ملڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرين لاء وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا پاران بيت المال مان منظور ڪرايل امدادي چيڪ مستحقين ۾ ورھائيندي ۽ ترقياتي اسڪيمن جا اعلان ڪندي چيو تـ مرزا فيملي بدين جي عوام سان ھر ڏک سک ۾ گڏ رھندي پئي اچي ـ ھن بدين جي عوام کي خوشخبري ڏيندي چيو تـ جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت مخالف ڌر ۾ ھجڻ سبب ايم پي ايز کي ترقياتي فنڊ فراھم نٿي ڪري پر بدين مان چونڊيل ايم اين اي ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فھميده مرزا وزيراعظم  عمران خان کان بدين ضلعي لاء ھڪ تاريخي ترقياتي پيڪيج منظور ڪرايو آھي ـ جنھن سان بدين جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ويا آھن ۽ ميرٽ تي ھر ڳوٺ، وستي، واھڻ ۽ شھرن ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ويندا ـ ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ پيپلز پارٽي ووٽ وٺڻ کان پوء  سنڌ حڪومت ھوندي رڳو ڪرپشن ڪري عوام کي بنيادي حقن کان بـ محروم ڪيو آھي پر مرزا فيملي بدين جي عوام کي ڪڏھن بـ نـ وساريندي ۽ سندن بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي کين ھرممڪن حد تائين ميرٽ تي بنيادي سھولتون فراھم ڪندي رھندي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو