سمورن روڊن تان برسات جو پاڻي نيڪال ٿي ويو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي سمورن روڊن تان پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، هاڻ برسات جو پاڻي ڪٿي به بيٺل نه آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بلدياتي ادارن ڪم ڪيو آهي ته روڊن تان پاڻي صاف ٿي ويو آهي. مختلف علائقن۾ گهٽين ۾ پاڻي بيٺل آهي، ڪي ايم سي کي مدد جي لاءِ هدايت ڪري ڇڏي آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي نعيم الرحمان ۽ مصطفيٰ ڪمال لاءِ مختلف ۽ منهنجي لاءِ مختلف آهي. پريشانيون آهن پر اسان ڪم ڪري رهيا آهيون ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ جي حالت تمام گهڻي خراب هئي اڄ انهن تان سمورو پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي.ڪراچي جي ميئر چيو ته اسان روڊن تي هئاسين پر جماعت اسلامي جا ٽائون چيئرمين ڪٿي به نظر نه آيا، ڪمرن ۾ ويهي تنقيد ڪرڻ آسان آهي اسان روڊن تي ڪم ڪري رهيا هئاسين. مرتضيٰ وهاب چيو ته مون کي هاڻ ڊي ايم او نوٽيس اماڻيو آهي جنهن جي مون کي خبر ئي نه هئي. منهنجي مٿان 50 هزار روپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي. خبر ناهي انهن کي مون سان ڪهڙو مسئلو آهي.هن چيو ته مون ڪڏهن به ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي نه ئي وري ڪندس، ڪابه هڪ چونڊ مهم ٻڌائي ڇڏيو جنهن ۾ ڪراچي جو ميئر شامل ٿيو هجي جيڪڏهن مان هنن جي تنقيد جو جواب ڏيان ته مون کي اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس اچي ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو