sindhyar

سماجي تنظيم پاران جاکوڙي استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پڊعيدن (مجاهد شر) امر وحيد حال ۾ برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ڊسٽرڪٽ ڪميونٽي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ تعليم سان دلچسپي رکندڙ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ڊي اي او ممتاز احمد ملڪ مهمان خاص طور شريڪ ٿيو ۽ اعزازي مهمان طور TEO الله بخش مري ۽ ان کان علاوه ايم ڊي ايف جي ايگزيڪيٽو ڊاريڪٽر مصطفيٰ حسن راڄپر پڻ موجود هيو.

جڏهن ته پروگرام جي شروعات ۾ پروجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر محمد اسلم شر آيل سموري مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ ان کان پوءِ پروگرام ۾ شريڪ اڳواڻن تعليم جي اهميت تي روشني وڌي جنهن کان پوءِ پروگرام ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، محلا ڪاميٽي جي چيئرمينن ۽ استادن کي بهتر ڪارڪردگي طور شيلڊون ڏنيون ويون جنهن ۾ محمد يوسف مبيجو، محمد رفيق آصي، محمد عرس خاصخيلي، محمد سالم، عبدالغفار خاصخيلي، حبيب الله لاشاري، اياز علي راڄپر ۽ ٻين کي بهترين ڪارڪردگي تي شيلڊون ڏنيون ويون.

ان موقعي تي ايگزيڪيٽو ڊاريڪٽر مصطفيٰ حسن راڄپر ٻڌايو ته تعليم هر انسان جو بنيادي حق آھي ۽ ايم ڊي ايف تنظيم جو مقصد آھي ته هر فرد تعليم حاصل ڪري اسان جي والينٽيئرن جو ڪم ڳوٺن ۾ وڃي ماڻھن کي تعليم بابت ڄاڻ ڏيڻ آھي ۽ اسڪولن ۾ استادن توڙي ٻارڙن سان ملي ڪري تعليم کي عام ڪرڻ ۾ تمام سٺو ڪردار آھي پروگرام جي آخر ۾ مهمان خاص ۽ اعزازي مهمان کي پڻ شيلڊون پيش ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو