سلوٽا پاران مطالبن جي مڃتا تائين ڪلاسن جي بائيڪاٽ جواعلان

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي 26 ڊپارٽمينٽس جي سربراهن استعيفيٰ ڏئي استادن جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (سلوٽا) جي ايگزيڪٽو ڪائونسل جي خميس تي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته استادن جا مسئلا حل ٿيڻ تائين ڪلاسن جو بائيڪاٽ جاري رهندو . اجلاس ۾ نااھل انتظاميه جي بيحسي جي مذمت ڪندي وائس چانسلر کي يونيورسٽي ۾ نه اچڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.

سلوٽا موجب جيڪڏهن وي سي آفيس ۾ آيو ته کيس زوري ٻاهر ڪڍي آفيس کي تالو هنيو ويندو. سلوٽا جي صدر ڊاڪٽر غلام علي ملاح ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اختيار گھمرو ٻڌايو ته 26 شعبن جي سربراهن متفقه طور استعيفا ڏئي سلوٽا سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جنھن مان اھو صاف ظاھر آھي ته مختلف ڊپارٽمينٽن جا سربراھ سلوٽا سان گڏ آهن نه ڪي انتظاميه سان. سلوٽا نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آئي اي کي اپيل ڪئي ته يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي انويسٽيگيشن ڪري ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. سلوٽا جي اڳواڻن تعليم جي وزير، وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس پاڪستان ۽ وزير اعظم کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي ۽ بيحسي جو نوٽيس وٺي انتظاميا کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته جيئن يونيورسٽي کي مالي ۽ انتظامي بحران مان ڪڍي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو