قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف پاڪستان جي قرارداد منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرآن پاڪ جي حرمتي خلاف پاڪستان ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. نيوز ايجنسي موجب پاڪستان جي قرارداد ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي سميت مذهبي نفرت جي مذمت ڪئي وئي. قرارداد ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي زور ڏنو ويو.قرارداد ۾ رياستن تي زور ڀريو ويو ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪن. سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان قرارداد جي حمايت ۾ 28 ملڪن ووٽ ڏنو جڏهن ته 12 ميمبرن قرارداد جي مخالفت ڪئي. سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان طرفان قرارداد تي ووٽنگ ۾ 7 ميمبرن حصو نه ورتو. آمريڪا ۽ يورپي يونين سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد جي مخالفت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو