سلاجيت، وياگرا ۽ سيڪس فرق ۽ تعلق ڇا آهي؟

هي 1985 جي ڳالهه آهي، مون سوچيو ته سلاجيت  آخر ڇا شيءِ آهي جيڪا ماڻهو ٿوري ٿوري استعمال ڪندا آهن مان هڪ ڪوپ پي ته ڏسان. خير هڪ ڪوپ ته مون پيتو پر پوءِ اوچتو مون تي بيهوشي چڙهڻ لڳي، مون جلدي پنهنجي مٿان پاڻي جي هڪ بالٽي وڌي ۽ ڊاڪٽر جي طرف ڊڪ وڌي، مون انکي چيو هڪ ڪوپ سلاجيت پيتو آهي، اهو چئي آءُ ڪري پيس، چئن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن مونکي هوش آيو ته ڊاڪٽر هڪ زور سان چماٽ هيائين ۽ چيائين ته ايئن ٻيهر نه ڪجان.

هي هنزه جي علائقي علي آباد جي رهائشي ڪريم الدين جي ڪهاڻي آهي، جيڪو 1980 کان پنهنجي پيءُ سان سلاجيت ٺاهڻ وارو ڪم ڪري رهيو آهي. ان سان آءُ  سند س  گهر جي ڇت تي مليس جتي سلاجيت کي سڪايو پئي ويو.  سلاجيت وسطي ايشيا جي پهاڙن ۾ لڌو ويندو آهي ۽ پاڪستان ۾ هي اڪثر ڪري گلگت بلتستان جي پهاڙي غارن مان ڪڍي ويندي آهي. ڪريم الدين ٻڌائي ٿو ته سلاجيت ڪافي سالن تائين مختلف پهاڙن جي غارن ۾ موجود معدنيات ۽ وڻن ٻوٽن جي مرڪب سان ٺهندي آهي، جنهن کان پوءِ هڪ صحيع وقت تي انکي ڪڍيو ويندو آهي. سلاجيت کي ڳولڻ جو عمل ايترو آسان ناهي جيترو سمجهيو ويندو آهي، ڊگهي ۽ ڏکي پهاڙن جي خطري سان ڀريل ۽ خطرناڪ گذرڻ واري رستن کان ٿيندي ڪريم الدين جا ڪاريگر سلاجيت ڳولڻ  لاءِ سج نڪرڻ کان پهريون نڪري ويندا آهن، اڪثر سلاجيت جي ڳولها ۾ کين ڪيترا ئي ڏينهن به لڳي ويندا آهن. سلاجيت  کي ان جي آخري ۽ تيار ٿيل  شڪل ۾ پهچڻ جي لاءِ ٻن اهم مرحلن مان گذرڻون پوندو آهي.

هڪ ته ڊگهي ۽ وڏي پهاڙ جي چوٽين  تان ان جي ڳولها ۽ ٻيو سلاجيت کي صاف يا فلٽر ڪرڻ جو عمل آهي. سلاجيت جي ڳولها، پهاڙين جي چوٽي تي وڃي جنهن طريقي سان سلاجيت ڪڍيو ويندو آهي، جيڪڏهن اهو منظر توهان پنهنجي اکين سان ڏسو  ته توهان جا لڱ  ڪانڊارجي ويندا اوهين سندن  همت جو داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهندا. ڇو ته منهنجي به ڪجهه اهڙي ئي حالت ٿي هئي، جڏهن اسان ڇهن ڪلاڪن جو سفر ڪرڻ کانپوءِ انهي پهاڙ جي چوٽي تي پهتا سين جتان کان توهان برف سان ڍڪيل راڪا پوشي جي چوٽي ته ڏسي سگهو ٿا پر گڏ ئي راڪا پوشي ۽ توهانجي وچ ۾ موجود هنزه وادي جو به هڪ خوبصورت منظر نظر ايندو آهي. وادي هنزه ۾ پهاڙن مان سلاجيت ڳولهڻ ۽ ڪڍڻ جي لاءِ خاص ماڻهو آهن جيڪي علائقي کان واقف هوندا آهن . ڪريم  هي ڪم گذريل 15 سالن کان ڪري رهيو آهي، هو  چوي ٿو ته  سلاجيت جي لاءِ اسان ڪجهه ڪلاڪن  جي سفر کان وٺي ڪيترن ئي ڏينهن تائين سفر ڪندا آهيو. پوءِ ڪچو مال ملندو آهي،  شهر ۾ واپس اچي مخصوص دڪاندارن کي وڪڻندا آهن، جيڪي انهن کي هڪ خاص طريقي سان صاف ڪري وري اڳتي وڪڻندا آهن. هي ماڻهو اڪثر ڪري چئن کان پنجن ماڻهن جي گروپ ۾ سفر ڪندا آهن جن مان هڪ جو ڪم چانهه ۽ کاڌو پچائڻ هوندو آهي.

جڏهن ته ٻيا ماڻهو چوٽي تي رسي کي مضبوطيءَ سان ٻڌندا ۽ انکي پڪڙيندا آهن۽ پوءِ هڪ ماڻهو غار جي اندر لهندو آهي جنهن جڳهه کان سلاجيت ملڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي. ڪريم  ٻڌائي ٿو ته اسان دوربين سان غارن ۾ ڏسندا آهيون جنهن سان اسانکي اهو نظر ايندو آهي ، جڏهن ويجهو ويندا آهيون ته ان جي مخصوص بوءِ سان خبر پوندي آهي. ان دوران اسين وڏي مهارت سان پهاڙ جي چوٽي کان رسي جي ذريعي 90 جي اينگل سان هيٺ لهندا ۽ پوءِ غار جي اندر وڃڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ پنهنجي دوستن کي آگاهه ڪندو آهي ته سلاجيت ملي وئي آهي. سلاجيت ڪڍڻ کانپوءِ هو ان کي ٻوري ۾ وجهندا آهن ۽ پوءِ ٻورين کي مٿي موڪليندا آهن ۽ ان کان پوءِ اسان پاڻ انهيءَ رسي سان واپس مٿي ايندا آهيون.

هن پوري عمل کي تقريبن اڌ ڪلاڪ لڳو پر انهيءَ اڌ ڪلاڪ جي باري ۾ اهي چوندا آهن ته اگر رسي ٻڌڻ وقت ڳنڍ صحيح نه ٻڌل هوندي يا وري سيفٽي بيلٽ ٺيڪ نه ٻڌل هوندو ته رسي جي کلڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن، جنهن جو مطلب موت هوندو آهي. هن ٻڌايو ته  اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ مقدار  20 مڻ ڪڍيو آهي. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته غار مان ڪجهه ناهي نڪرندو ۽ هو خالي هٿين واپس ايندا آهن. سلاجيت پٿر جي اندر هڪ مرڪب جي شڪل ۾ موجود هوندي آهي. جنهن کي صاف ڪرڻ وڏي ڪاريگري آهي. هن ٻڌايو ته منهنجي والد صاحب  سج جي روشني ۾ سلاجيت کي فلٽر ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي جنهن کي انهن آفتابي سلاجيت جو نالو ڏنو هو،   هن عمل ۾ انهن وڏن پٿرن کي جيڪي پهاڙ کان آندا ويندا آهن انهن کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ٽوڙيو ويندو آهي ۽ پوءِانهن کي هڪ وڏي بالٽي جي اندر وجهي ڪري هڪ خاص پاڻي جو مقدار ملائي وڏي چمچ سان هلايو ويندو آهي ته جيئن سلاجيت چڱي نموني پاڻي ۾ ڳري وڃي.  ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پاڻي جي سطح تان گندگي کي هٽايو ويندو آهي. ڪريم الدين جو چوڻ آهي ته اسان  هن پاڻي کي هڪ هفتي تائين ايئن ئي رکندا آهيون، انهيءَ دوران پاڻي جو رنگ بلڪل ڪارو ٿي چڪو هوندو آهي جنهنجو اهو مطلب هوندو آهي ته سلاجيت پٿرن مان پاڻِي ۾ پوري طرح جذب ٿي چڪي آهي. هي هڪ اهم مرحلو هوندو آهي جنهن ۾ توهان کي سلاجيت واري پاڻي مان باقي رهيل نقصان ڏيڻ وارا ذرڙا  الڳ ڪرڻا هوندا آهن.  عام طور تي لالچ ۽ جلد بازي ۽ پيسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ ماڻهو هن پاڻِي کي صرف ڪنهن ڪپڙي مان ڇاڻي ۽ ٽي کان چار ڪلاڪن لاءِ اٻاريندا آهن جنهن سان اهو جلدي گھاٽو ٿي ويندو آهي ۽ ان طرح سان سلاجيت تيار ٿي ويندي آهي پر ايئن ڪرڻ سان ان جي فائدن کان وڌيڪ نقصان ٿيندا آهن.  ان جا ٻه وڏا نقصان ٿيندا آهن  پهريون اهو ته ڪپڙي ۽ ڄاري ذريعي ڇاڻڻ سان ان ۾ موجود صحت کي نقصان پهچائيندڙ جزا رهجي ويندا آهن، ٻيو اهو ته سلاجيت کي پاڻي ۾ اٻاري گھاٽُو ڪرڻ سان ان جون سڄيون معدنيات ختم ٿي وينديون آهن جنهن سان ڪو به فائدو ناهي ٿيندو. ڪريم الدين اهو سمورو عمل 30 کان 40 ڏينهن ۾ ڪندو آهي جنهن ۾ هو فلٽريشن جي لاءِ هڪ خاص مشين به استعمال ڪندو آهي ان مشين کي هن پنهنجي مخالفن کان لڪائي رکيو آهي جيڪا ان ٻاهرين ملڪ کان گهرائي آهي. هن سلاجيت ٺاهڻ جي آخري مرحلي بابت ٻڌائيندي چيو ته فلٽريشن کانپوءِ سلاجيت جي پاڻِي کي هڪ شيشي سان ٺاهيل خانن ۾ رکندا آهن ۽ تقريبن هڪ مهيني تائين انجو پاڻِي خشڪ ٿيندو رهندو آهي جنهن دوران ان ٿانو ۾ ٻيو به سلاجيت جو پاڻي وجهندا رهندا آهن ته جيئن اهو ڀرجي وڃي ۽ ايئن ئي آفتابي سلاجيت تيار ٿي ويندي آهي جنهن کي پيڪنگ کانپوءِ دڪاندارن کي سپلائي ڪيو ويندو آهي.  ڪريم الدين جو چوڻ آهي ته سلاجيت جي ٺاهيل هر هڪ کيپ کي ميڊيڪل چڪاس جي لاءِ هو موڪليندا آهن ۽ اهو سرٽيفڪيٽ سلاجيت جي خالص هجڻ جو ثبوت به هوندو آهي جنهن ۾ اهو درج ٿيل هوندو آهي ته ان ۾ 86 قسمن جون معدنيات موجود آهن. ڪريم الدين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 10 گرام سلاجيت 300 رپين کان وٺي 600 رپين تائين وڪرو ڪندو آهي جڏهن ته ان قيمت جو دارومدار سلاجيت جي طلب ۽ رسد تي هوندو آهي، پر دڪاندار پنهنجي مرضيءَ سان ان جي قيمت لڳائي وڪڻندا آهن. ڪريم الدين چوي ٿو ته اڪثر دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انهن  کي اصل سلاجيت سڃاڻڻ لاءِ ان مان اچڻ واري خاص بوءِ ئي ٻڌائيندي آهي جڏهن ته ايئن نه آهي.

ان جي مقدار وڌائڻ جي لاءِ ماڻهو گهڻو ڪري ان ۾ اٽو وغيره استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن ان ۾ به سلاجيت جي گهٽ مقدار ملائي وئي هجي ته ان مان ايئن به بوءِ ايندي جيڪا اصلي سلاجيت مان ايندي آهي. هو چوي ٿو ته ان جو آسان حل اهو آهي ته دڪاندار کان انجي ميڊيڪل چڪاس جي رپورٽ جو پڇيو وڃي ۽ ان ڳالهه جي پڪ ڪئي وڃي ته ان ۾ 86 قسمن جون معدنيات موجود آهن. ڪريم الدين جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي سلاجيت جي باري ۾ گهڻيون ئي غلط فهميون آهن ، اصل ۾ ان ۾ موجود معدنيات مختلف جسماني ڪمزورين کي پورو ڪري ٿي. جنهن سبب جسم جو گرمي پد وڌڻ سان خون جي گردش پڻ وڌي ويندي آهي، پر هي وياگرا وانگر ڪم ناهي ڪندي . اسلام آباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر وحيد معراج چوي ٿو ته هن ۾ آئرن ،زنڪ،۽ مئگنيشيم سميت 85 کان وڌيڪ معدنيات موجود هوندا آهن ان سڀني معدنيات جي سبب جسم ۾ خون جي دٻاءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ قوت مدافعت ۾ بهتري اچي ٿي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  هن جي استعمال سان انسان جي اعصابي نظام ۾ بهتري اچي ٿي جنهن سبب الزائيمر، ڊپريشن ۽ دماغ جي لاءِ فائديمند هوندي آهي. ڊاڪٽر معراج جو چوڻ آهي ته ڪوئن تي ڪيل ٽيسٽ ۾ انهن جي شگر ليول ۾ به مثبت اثر ڏٺو ويو آهي سلاجيت شگر جي علاج لاءِ به فائديمند آهي. سلاجيت جي نقصانن جي باري ۾ چوندا آهن ته چڱي نموني فلٽر نه ٿيڻ جي ڪري ان جي نقصانن ۾ اضافو ٿيندو آهي انجو گهڻو استعمال به صحت جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن سلاجيت جي صحيع استعمال جو طريقو ٻڌائيندي چيو ته  سلاجيت سڪل چڻي جي داڻي جي برابر  گرم کير جي گلاس استعمال ڪرڻ گهرجي. 50 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي روزانه جي بنياد تي ٻن ٽن مهينن تائين وٺڻ گهرجي،  نوجوانن کي هفتي ۾ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ استعمال نه ڪرن گهجي. بلڊ پريشر ۽ دل جي مرض وارا به سلاجيت استعمال نه ڪن. هن چيو ته جڏهن 86 معدنيات پيٽ جي اندر ويندا آهن ته ايئن ئي بلڊ پريشر ٿورڙو وڌي ويندو آهي ان لاءِ  جن جو پهريان ئي بلڊ پريشر وڌيل هوندو آهي ته اهو بلڪل به سلاجيت کي استعمال نه ڪن. (بشڪريه  بي بي سي اردو . هنزه مان موسيٰ ياور هي اسٽوري بي بي سي لاءِ ڪئي جيڪا سليم فضل ڪلهوڙو سنڌي ۾ سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪئي.)

پهنجو تبصرو موڪليو